11 منگل , دسمبر 2018

طاهر داوڙ جي قتل ۾ جوابده آهيون، ملوث عنصرن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي گهرو وزير شهريار  آفريدي چيو آهي ته  پشاور جي ايس پي طاهر داوڙ جي اسلام آباد مان اغوا ۽ افغانستان ۾ قتل واري معاملي تي اسان جوابده آهيون،  واقعي ۾ ملوث عنصرن کي عبرت جو نشانو بڻائي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته طاهر داوڙ جو مسئلو حساس هو پر اسان جوابده آهيون، ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڀلي هو افغانستان هجي يا وري پاڪستان ۾ هجي. هن چيو ته  طاهر داوڙ ٻن آپگهاتي حملن ۾ محفوظ رهيو، کيس اڳ به ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن، جڏهن ته ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي به شهيد ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته 28 آڪٽوبر تي طاهر داوڙ جي گم ٿيڻ جي ايف آءِ آر سندس ڀاءُ فرحان الدين احمد جي فرياد تي اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي جنهن سندس ڳولا شروع ٿي پر سمورن ڳجهن ادارن ۽ سڪيورٽي ادارن پاران اها ڳالهه سامهون اچي رهي هئي ته طاهر داوڙ سان رابطو نه ٿي رهيو آهي ۽ کيس ٽريس ڪيو پيو وڃي. شهريار آفريدي ٻڌايو ته 13 نومبر تي سوشل ميڊيا تي جڏهن تصويرون آيون ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ اهڙو ڪو ذريعو نه هو جنهن مان تصديق ٿي سگهي پوءِ 14 نومبر تي افغان حڪومت طاهر داوڙ جي قتل جي تصديق ڪئي.  هن چيو ته ايس پي طاهر داوڙ کي اسلام آباد مان اغوا ڪري پنجاب جي شهر ميانوالي آندو ويو، پوءِ بنو کانپوءِ افغانستان نيو ويو. شهريار آفريدي ٻڌايو ته طاهر داوڙ جو آخري پيغام گهر والن لاءِ اهو هو ته مان محفوظ آهيان پريشان نه ٿيو.  ممڪلتي وزير ٻڌايو ته افغان حڪومت طرفان طاهر داوڙ جي قتل جي تصديق تي وزيراعظم ڪي پي جي وڏي وزير، آءِ جي ڪي پي ۽ آءِ جي اسلام آباد کان انڪوائري رپورٽ گهري آهي. هن چيو ته هي پهريون واقعو ناهي، ڪجهه عنصر پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. شهريار آفريدي اسلام آباد ۾ سيف سٽي منصوبي تحت هنيل ڪيمرائن جي فعاليت تي به سوال اٿاريو ۽ چيو ته 1800 جي لڳ ڀڳ ڪيمرائون لڳايون ويون پر ڪنهن ڪيمرا ۾ اها صلاحيت ناهي ته گاڏي نمبر يا ڪنهن شڪل جي تصديق ٿي سگهي، افغان بارڊر سائيڊ تي ڪو به نظام ناهي جنهن تي افغان حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ممڪلتي وزير سيف سٽي منصوبي تحت ڪيمرائون لڳائڻ بابت جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے