15 ہفتہ , دسمبر 2018

افغان سفارتخاني جو انچارج ٻيهر طلب، طاهر داوڙ جي قتل تي احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي پوليس جي ايس پي طاهر داوڙ جي قتل تي پاڪستان افغان سفارتخاني جي انچارج کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي معاملي تي افغان سفارتخاني جي انچارج کي ٻيهر پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب طاهر داوڙ جي مڙهه جي حوالگي ۾ دير تي  افغانستان سان احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته طاهر خان داوڙ جو مڙهه جلد پاڪستان حوالي ڪيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير به دير تي احتجاج ڪيو آهي ۽ پاڪستاني قونصل جنرل هن وقت ميت جي حوالگي لاءِ اسپتال ۾ موجود آهي. ترجمان موجب ايس پي طاهر داوڙ جي بيدردي سان قتل تي کين گهرو ڏک آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے