13 جمعرات , دسمبر 2018

فواد چوڌري تي مخالف ڌر بابت بيان تي معافي وٺڻ تائين سينيٽ ۾ داخلا تي پابندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي مخالف ڌر بابت بيان تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي سينيٽ جي اجلاس ۾ داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهيءَ ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مخالف ڌر پاران سڌ سماءَ واري وزير جي بيان تي احتجاج ڪيو ويو. نيشنل پارٽي جي مير حاصل بزنجي چيو ته جيستائين لاڳاپيل وزير معافي نه ٿو وٺي اسان ايوان ۾ نه اينداسين. مسلم ليگ ن جي راجا ظفر الحق چيو ته  توهان جي نه ڪو ڳالهه ٻڌي ٿو ۽ نه وري مائيڪ بند ڪرڻ تي ڳالهه ختم ڪري ٿو. پ پ جي شيري رحمان چيو ته ڳالهيون وزير ڪري ٿو ۽ معافي قائد ايوان کي وٺڻي پوندي آهي، اسان آمر جي دور ۾ به اهڙي قسم جا تماشا نه ڏٺا اهن، ايوان سان جيڪو ورتاءُ اهي اهو قبولڻ جوڳو ناهي. قائد ايوان شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر کي حق ناهي ته ڪنهن وزير جي ذات تي ڳالهائي، اسان جي وزير ۽ مشاهد الله جي تقرير گهرائي وڃي، ٻڌايو وڃي ته ڪنهن غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا، توهان ڪميٽي قائم ڪيو، پارلياماني ليڊر طور معافي وٺان ٿو. شبلي فراز جي بيان تي پ پ جي مولابخش چانڊئي چيو ته وزير بنا ايجنڊا جي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ماحول خراب ڪندو آهي. هن چيو ته جنهن کي جيڪو وڻي اها ڳالهه ڪري هليو ويندو آهي، توهان پنهنجي وزير کي تحفظ ڏئي رهيا آهيو. مخالف ڌر سينيٽ جو واڪ آئوٽ ڪيو جنهن سبب ڪورم ٽٽي ويو جنهن تي سينيٽ چيئرمين اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪيو.  اجلاس ٻيهر شروع ٿيڻ تي سينيٽ چيئرمين سڌ سماءَ واري وزير جي رويي تي رولنگ ڏئي ڇڏي.  هن چيو ته ايوان جو ماحول خراب ٿيڻ جي ذميواري فواد چوڌري تي لاڳو ٿئي ٿي جيستائين سڌ سماءَ وارو وزير معافي نه ٿو وٺي جاري اجلاس ۾ سندس داخلا تي پابندي لڳايان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے