23 ہفتہ , فروری 2019

دپيڪا ۽ رنوير کي شوبز ستارن طرفان شادي جون مبارڪون

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي سپر هٽ جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه کي شوبز ستارن طرفان شادي جون مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، بالي ووڊ جو مشهور اداڪار رنوير سنگهه ۽ اداڪارا  دپيڪا پڊوڪون اٽلي ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن.ٻنهي جي شادي ڪونڪني رواج موجب ٿي ۽ اڄ ٻئي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي رواج موجب شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن، نئي شادي شده جوڙي کي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان، ڪرشما ڪپرو، ڪرن جوهر، ڪپل شرما ۽ راکي ساونت سميت ڪيترن ئي بالي ووڊ اسٽارن طرفان مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، اداڪارا ڪرشما ڪپور چيو آهي ته بالي ووڊ جي خوربصورت جوڙي کي شادي جون مبارڪون هجن،  بالي ووڊ ڪنگ شاهه خان رخ به ٻنهي اسٽارن کي شادي جون مبارڪون ڏيندي چيو ته جڏهن هن دپيڪا ۽ رنوير جي شادي جي خبر ٻڌي ته هو تمام گهڻو ٿيو  ۽ ان جي دل چئي رهي آهي  دپيڪا کي ڳلي لڳا مبارڪ ڏيان ۽ ان کي چوان  ته اهي بلڪل ائين خوش رهن جئين مان پنهنجي شادي کان پوءِ خوش آهيان، رنوير ۽ دپيڪا لاءِ گهڻو پيار،  ۽ اداڪارا راکي ساونت دپيڪا رنوير جي شادي  تي بلڪل اهڙي طرح خوش آهي جئين ان جي گهڙ جي ڀاتي جي شادي هجي، انسٽا گرام پنهنجي خوشي شيئر ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي شادي خبر ٻڌي ته مان نچڻ شروع ڪيو هو، هدايت ڪار ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر دپيڪا رنوير جي جوڙي کي خوبصورت جوڙي قرار ڏيندي ٻنهي جي نظر لاهڻ جو مشهورو ڏنو ۽ ٻنهي کي پوري زندگي خوش رهڻ جو دعائون پڻ ڏنيون، ڪاميڊين ڪپل شرما انسٽاگرام تي دپيڪا رنوير سان پنهنجي خوبصورت تصوير شيئر ڪندي ٻنهي کي دنيا جي سڀ کان خوبصورت جوڙي قرار ڏنو، ڌڪ ڌڪ گرل ماڌوري ڊڪشٽ به ٽوئٽر تي شادي شده جوڙي کي پوري زندگي خوش رهڻ جي دعا ڏيندي چيو ته توهان زندگي جو نئون باب شروع ٿي ويوآهي، اداڪار سڌارٿ ملهوترا به ٽوئٽر تي جوڙي کي شادي جي مبارڪباڪ ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارن کي ڦڙا ڇو نه پياريا؟ فواد خان ٻڌائي ڇڏيو….

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار فواد خان ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا نه پيارڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے