11 منگل , دسمبر 2018

مولانا سميع الحق قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ س سربراهه مولانا سميع الحق ڪيس ۾ سندس ڪمري مان مليل شاهدين جي تجزئي ۾ 5 ماڻهن جي ڊي اين ايز جي موجودگيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي. مولانا سميع الحق قتل ڪيس ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ٽيم پاران ڪئمرا مان ملندڙ شاهدن جي تجزئي ۾ پنجن ماڻهن جي ڊي اين اي جي موجودگيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد پوليس ستن ماڻهن کي تحويل ۾ وٺي ڊي اين اي جا نمونا موڪليا ويا آهن.  پوليس موجب نمونا ڪراس ميچ لاءِ پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي کي موڪليا ويا آهن. ستن ماڻهن جي ڊي اين اي کي ڪمري مان ملندڙ پنجن ڊي اين ايز سان ڪراس ميچ ڪيو ويندو.  ذريعن موجب ڪمري جي باٿ روم مان ملندڙ رت سان رڱيل ڪرتو مولانا جو ناهي، ڪمري مان چاقو ضبط ڪيو ويو هو جنهن جي فارنزڪ رپورٽ جو انتظار آهي.  ٻئي طرف مولانا سميع الحق جو سيڪريٽري افغان ڄائو آهي ۽ ننڍپڻ کان ئي پاڪستان ۾ ترسيل آهي. راولپنڊي پوليس احمد شاهه کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ نوشهره ۽ اڪوڙه خٽڪ پوليس سان رابطو ڪيو آهي، احمد شاهه کي طلب جا نوٽيس ڪوريئر ذريعي اڪوڙا خٽڪ موڪليا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے