15 ہفتہ , دسمبر 2018

پنجاب ۾ دونهون ڪڍندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ تي وقت تي ڪنٽرول نه ڪندڙ قدمن خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌايو آهي.  عدالت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.  لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾  پنجاب سرڪار کي ڪميشن جي تجويزن تي عملدرامد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪميشن جي تجويزن کي عدالتي فيصلي جو حصو بڻائڻ جو چيو آهي.  عدالتي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته حڪومت سموگ جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي، دونهون ڪڍندڙ گاڏين ۽ فيڪٽرين کي بند ڪيو ويندو، رهائشي علائقن ۾ غير قانوني فيڪٽرين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته زگ زيگ ٽيڪنالوجي نه رکندڙ بٺن کي سردين ۾ بند رکيو ويندو،  سارين جي پلال کي باهه نه ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے