17 اتوار , فروری 2019

اسحاق ڊار جا اڪائونٽ منجمند: 36 ڪروڙ رپيه پنجاب حڪومت کي منتقل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري اڳوڻي وڏي وزير اسحاق ڊار جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪندي اڳوڻي وزير جي بئنڪ اڪائونٽس مان 36 ڪروڙ رپيه پنجاب حڪومت کي منتقل ڪيا ويا آهن.  عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي پهرين مرحلي ۾ اسحاق ڊار  جي لاهور جي علائقي گلبرڪ ۾ پراپرٽي تحويل ۾ وٺي پنجاب حڪومت حوالي ڪئي وئي جنهن بعد ڊي سي لاهور اڳوڻي وزير جي بئنڪ اڪائونٽس لاءِ مختلف بئنڪن کي خط لکيا.  ذريعن موجب اسحاق ڊار جي مختلف بئنڪن مان هڪ درجن کان وڌيڪ اڪائونٽس کي هاڻي منجمد ڪيو ويو آهي ۽ موجود 36 ڪروڙ رپيه پنجاب حڪومت کي منتقل ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب اسحاق ڊار جي اڪائونٽس مان پنجاب حڪومت کي منتقل ڪيل رقم نيب عدالت حوالي ڪرڻ بابت فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب اسحاق ڊار عدالت ۾ پنهنجي بينگاهي ثابت ڪندو ته کيس ملڪيت واپس ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے