14 جمعہ , دسمبر 2018

نواز شريف قطري شهزادي جي خطن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )   اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ بيان قلمبند قطري شهزادي جي خطن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، سندس چوڻ  آهي ته 1999ع ۾ مارشل لا لاڳو  ٿيڻ بعد شريف خاندان جي ڪاروبار جو قبضي ۾ ورتل رڪارڊ اڃا تائين ايجنسين واپس نه ڪيو آهي،  لوڪل پوليس ۾ ان حوالي سان شڪايت به ڪرائي پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ العزيزيه  ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف مسلسل ٻئي ڏينهن به عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرايو ۽ سوالن جا جواب ڏيڻ بعد واپس روانو ٿي ويو. عدالت منجهند 2 وڳي کيس ٻيهر طلب ڪيو. نواز شريف 44 سوالن جا جواب ڏنا ۽ کيس مجموعي طور تي کيس 151 سوالن جا جواب ڏيڻا آهن. ٻڌڻي جي شروعات تي نواز شريف احتساب عدالت پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته 1999ع جي مارشل لا کانپوءِ اسان جي ڪاروبار جي رڪارڊ تي قبضو ڪيو ويو، ان حوالي سان شڪايت به داخل ٿي پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. هن چيو ته جج صاحب نه رڳو اسان سان رڳو 1999ع ۾ اهو نه ٿيو آهي پر اهو هميشه ٿيندو آيو آهي، اها اسان جي درد ڀريل ڪهاڻي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 1972ع ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسٽيل ملز اتفاق فائونڊري کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو،ڪنهن نه پڇو ته کائڻ جا پئسا به وٽن آهن يا وري نه آهن.  نواز شريف چيو ته مان ته 1972ع ۾ سياست ۾ به نه هيس، مان80 جي ڏهاڪي ۾ سياست شروع ڪئي. ڪيس جي ٻيهر شروع ٿي ته  نواز شريف قطري شهزادي جي خطن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مان ڪنهن به حيثيت سان ٽرانزيڪشن جو حصو نه رهيو آهيان، منهنجو نالو ڪٿي به ڪنهن دستاويز ۾ ناهي. هن چيو ته منهنجي والد ۽ پٽن جو قطري شهزادي سان واسطو هو، اڳوڻي وزيراعظم واجد ضياءَ جي بيانن تي به اعتراض اٿاريا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے