15 ہفتہ , دسمبر 2018

طاقتن کي جلد احساس ٿيندو ته پاڪستان رڳو چونڊيل نمائندا ئي هلائي سگهن ٿا: آصف زرداري

بدين ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ به اسان کي موقعو ڏنو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ بهتر رهندي، اسان جي حڪومت ئي سڀ کان بهتر هئي، ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي.  بدين ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن طاقتن کي احساس ٿيندو ته پاڪستان رڳو عوام جا اصل نمائندا ئي هلائي سگهن ٿا، توهان جي هٿن سان ٺاهيل نمائندن کان ڪم نه ٿو هلي. هن چيو ته  ڪو کيڏي ڪرڪيٽر بڻجي ويو، جنهن سان پاڪستان جو ليڊر بڻجڻ مشڪل آهي، ڀلي سندس ڪيتري به مدد ڪئي وڃي، مون کي خبر آهي ته  ڪير ڪير ڪٿان مدد ڪري رهيو آهي، ڪاش اسان جي دور ۾ به اهڙي مدد ٿي ها. سندس چوڻ هو ته اڄ ان ڪري اردو ۾ تقرير پيون ڪيان ته جيئن اسلام آباد  به ٻڌي،  اسلام آباد کي سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته انسان ذات جي اصل قيمت آهي ۽ اهي ئي ملڪ جا اصل مالڪ آهن. اڳوڻي صدر زرداري چيو ته  پاڪستان عوام جو ملڪ آهي توهان وڙهي نه ٺاهيو آهي، سنڌ اسيمبلي ملڪ ٺاهيو، سنڌ جي حق تي ڌاڙو هڻڻ ڇڏي ڏيو.  هن چيو ته اسان سموري ملڪ جي حق تي ڌاڙو نه ٿا هڻو، اسان جيڪو حق آهي ان کان وڌيڪ ڏيندا آهيون، اسان جي جنگ جاري رهندي. سندس چوڻ ته دوستن کي گهرجي ته بيوقوف بڻائين ڇڏي ڏين، بدين جي به آڊٽ ٿيندي، جن بدين سان حرام ڪيو تن کي حساب ڏيڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے