17 اتوار , فروری 2019

افغانستان ڳالهين کان پوءِ  ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اغوا کان پوءِ افغانستان ۾ قتل ايس پي رول پشاور طاهر خان داوڙ جو مڙهه افغان اختيارن ڳالهين کان پوءِ پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ مملڪي گهرو وزير شهريار آفريدي، خيبرپختونخوا جي سڌ سماءِ واري وزير شوڪت يوسفزئي، دپٽي ڪمشنر خيبر محمود اسلم سميت ٻين اختيارن طور خم بارڊر تي پهتا ته افغانستان مڙهه پاڪستان حوالي ڪرڻ خان انڪار ڪيو هو، افغانستان اختيارن جو اصرار هو ته هو طاهر دواڙ جو مڙهه قبائلي نمائندن يا محسن دواڙ جي حوالي ڪن، جنهن پوءِ حڪومت جي اجازت سان محسن دواڙ به طور خم بارڊر تي پهتو ۽ ڳالهين ۾ حصو ورتو جنهن کان پوءِ افغانستان طاهر دواڙ جو مڙه پاڪستان حوالي ڪيو، جڏهن ته ايس پي طاهر دواڙ جو مڙهه هيلي ڪاپٽر ذريعي پشاور آندو ويندو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے