11 منگل , دسمبر 2018

ڪيليفورنيا ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ وڌي 59 ٿي ويو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي جهنگ ۽ ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه آندو ويو، باهه سبب فوتگين جو انگ 59 ٿي ويو آهي، امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي تاريخ جي بدترين باهه ۾ فوتگين جو انگ وڌي 59 ٿي ويو آهي رياست جا نيشنل گارڊ متاثر علائقن ۾ باهه کان متاثر ماڻهن جي تلاش لاءِ آپريشن ۾ شامل ٿي ويا آهن، ٻئي طرف باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ 9 هزار فائر برگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن،  جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ نقصان سان فرانسڪو جي 175 ڪلوميٽر اتر ۾ واقع پيراڊائز ٽائون ۾ ٿيو جتان جي آبادي 27 هزار آهي، 59 ڄڻن  فوت ٿيڻ  جي انگ جي اعلان سان گڏ 130 لاپتا ماڻهن جي لسٽ به جاري ڪئي وئي آهي، ۽ لاپتا ماڻهن ۾ گهڻن جو تعلق پيراڊائز ٽائون سان آهي،  مزڪوره ٽائون ۾ باهه سان 8900 گهر ۽ عمارتون سڙي تباهه ٿيون ويون آهن،

هي به ڏسي سگهو ٿا

2018 جو نوبيل امن انعام عراق جي ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس کٽي ورتو

اوسلو (ويب ڊيسڪ) عراق جي يزيدي عورت ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس موڪيگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے