18 پیر , فروری 2019

وزير اعظم جو نوجوانن جي لاءِ ” نئون پاڪستان يوٿ پروگرام“ لانچ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي لاءِ وڏو پروگرام لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزير اعظم منصوبي جو باقاعده اعلان پاڻ ڪندو، عمران خان جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت جي قيام ۾ نوجوانن جو ڪردار فراموش نٿو ڪري سگهجي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران جي 100ڏينهن واري منصوبابندي جي تحت وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ نوجوجانن جي لاءِ وڏو پروگرام لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير اعظم عمران خان يوٿ پروگرام جي چيئرمين عثمان ڊار جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ عثمان ڊار نوجوانن جي لاءِ حڪومتي پيڪيج جي تياري بابت وزير اعظم آگاهه ڪيو ۽ نوجوانن جي لاءِ ” نئون پاڪستان يوٿ پروگرام“ لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزير اعظم نئون پاڪستان يوٿ پروگرام جي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي ۽ منصوبي جو باقاعده اعلان پاڻ ڪندو جڏهن ته عمران خان جي هدايت تي يوٿ پلس پورٽل جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو.  عثمان ڊار جو چوڻ هو ته 70 سالن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڪا به وڏي منصوبابندي ناهي ڪئي وئي، منصوبي جي تحت نوجوانن کي مڪمل بااختيار بڻائينداسين. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته منصوبو حڪومت جا 100 پورا ٿيڻ کان پهرين مڪمل ڪيو وڃي، نوجوانن سان حڪومتي سطح تي ڪميونيڪيشن نظام بهتر ڪيو وڃي، موجوده حڪومت جي قيام ۾ نوجوانن جو ڪردار فراموش نٿو ڪري سگهجي، نوجوانن کي تعليم، تربيت ۽ روزگار جا ڀرپور موقعا ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے