17 اتوار , فروری 2019

رپورٽ| نوابشاهه: اي ٽي سي پاران سانگهڙ واقعي ۾شامل جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

نوابشاهه جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت عدالت سانگهڙ واقعي ۾ ملوث جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي

اي ٽي سي جي جج منير احمد خواجه ايم پي اي وريام فقير، ايم پي اي علي غلام نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، غلام دستگير راڄڙ سوڌو ٻين تي فردم جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

عدالت جوابدارن کي چارج فريم ڪندي ٻڌايو ته مٿن الزام آهي ته انهن 15 ڊسمبر 2015 تي سانگهڙ شهر ۾ حملو ڪري 4 ماڻهو قتل ۽ 6 ماڻهو زخمي ڪيا هئا. فوتين ۾ ٻه پوليس اهلڪار به شامل آهن

ايم پي اي وريام فقير ۽ ايم پي اي علي غلام نظاماڻي ۽ ٻين فريادي طرفان لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي عدالت کي عرض ڪيو ته عدالت ۾ وهيل چيئر تي ايندڙ غلام حيدر نظاماڻي ۽ فوت ٿي ويل ماڻهن جي خلاف قتل جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي

ڪيس ۾ شامل جوابدارن فرد جرم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: حيدرآباد: صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو گهيراءُ، احتجاج

حيدرآباد ۾ صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد جو گهيراءُ ڪري احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے