11 منگل , دسمبر 2018

بجلي اگهن جي مقرري ۾ حڪومت پنهنجا اختيار ختم ڪري: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪ – چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي ڪردار جي ساراهه ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اها بجلي اگهن جي مقرري ۾ پنهنجا اختيار ختم ڪري ڇڏي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته حڪومت نيشنل اليڪٽرانڪ پاور اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان مقرر ڪيل بجلي اگهن تي پنهنجي اختيارن جو استعمال بند ڪري، جيڪو گردشي قرضن بابت اهم هٿيار آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف اختيارين نيپرا ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميمن جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٽن مهينن، ساليانو يا ان کان وڌيڪ عرصي تائين اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن کي يقيني بڻايو وڃي، جهڙي ريت تيل اگهه مقرر ڪيا ويندا آهن. سندن اهو به چوڻ هو ته بس ٽيرف ۾ ترميم بابت ڳالهه ٻولهه جاري آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ريگيوليٽر ٽيرف پٽيشن وصول ڪري ۽ اڳ کان موجود فارمولي ۽ پرفارمنس تحت قيمت مقرر ڪري ۽ پوءِ گهٽ کان گهٽ امڪاني وقت ۾ ان حوالي سان آگاهه ڪري. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ آءِ ايم ايف وفد ڄاڻايل مسئلي تي پاور ڊويزن سان ڌار 3 ڀيرا سيشن رکيو. آءِ ايم ايف اختياريون نيپرا هيڊ ڪوارٽرز ۾ نيپرا اختيارين سان ملاقات ۽ پاور سيڪٽر کي پيش مسئلن بابت انهن جو موقف ٻڌنديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے