11 منگل , دسمبر 2018

پنجاب اسيمبلي ۾ سينيٽ جي ٻنهي سيٽن تي تحريڪ انصاف ڪامياب

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ سينيٽ جي ٻن سيٽن تي تحريڪ انصاف کٽي وئي. سينيٽ جي ٻن سيٽن جي لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ پولنگ ڪجهه دير سان شروع ٿي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي. پولنگ دوران مخالف ڌر طرفان گڏيل طور تي 173 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ مسلم ليگ ن جا 166 ۽ پيپلز پارٽي جا 7 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. حڪومتي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان 179 ۽ اتحادي ق ليگ جا 10 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. ن ليگ جي سهيل شوڪت بٽ ۽ پي ٽي آءِ جي اويس دريشڪ پرڏيهه هئڻ جي ڪري ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار  وليد اقبال 184 ۽ سيمي ايزدي 183 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ن ليگ جي سعود مجيد کي 176 ۽ سائره افضل تارڙ کي 175 ووٽ مليا.  اهڙي ريت پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيٽن تي ڪامياب ٿيا. اِهي ٻئي سيٽون مسلم ليگ ن جي هارون اختر ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ سعديه عباسي جي نااهلي جي ڪري خالي ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ ڪير به پاڪستان کي ڊو مور نه چوندو: شهريار آفريدي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته هاڻ هن ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے