13 جمعرات , دسمبر 2018

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 10 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جڏهن ته حڪومت جي 100 ڏينهن واري پلان تي وفاقي وزارتن جي مقرر هدفن تي برفنگ ڏني وئي. ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪابينا جي خاص ڪميٽين ۽ ٽاسڪ فورسز جي سربراهه پنهنجي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني ۽ آذربائيجان سان قيدين جي ڏي وٺ ۽ مختلف ملڪن سان ايم او يوز جي منظوري به ڏني وئي. وفاقي ڪابينا پوليس آفيسر طاهر خان داوڙ جي قت جي مذمت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم مملڪتي گهرو وزير کي طاهر داوڙ جي قتل جي فوري جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڪابينا ۾ وفاقي سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري بابت چيئرمين سينيٽ جي رولنگ تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ وزير اعظم بچاءَ واري پرڏيهي وزير پرويز خٽڪ کي سينيٽ چيئرمين سان فوري رابطي جي هدايت ڪئي. وزير اعظم سياسي معاملن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ  جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن کي وزيرن جي تذليل جو حق ناهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ وزير اعظم سمورن وزيرن ۽ ڊويزنن کي 100 ڏينهن جي پلان تي حتمي رپورٽ ايندڙ هفتي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے