11 منگل , دسمبر 2018

جسٽس اطهر من الله چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر جسٽس اطهر من الله جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جوڊيشنل ڪميشن آف پاڪستان پهرين نومبر تي سينيئر ترين جج جسٽس اطهر من الله کي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بنائڻ جي سفارش ڪئي هئي. 8 نومبر تي پارليماني ڪميٽي جوڊيشل ڪميشن جي سفارش تي جسٽس اطهر من الله کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن بعد معاملو ملڪ جي صدر ڏانهن موڪليو ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب صدر عارف علوي جسٽس اطهر من الله جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب مريم اورنگزيب جي اثاثن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب جي اثاثن جي جاچ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے