13 جمعرات , دسمبر 2018

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي ته سندس ايپل آءِ فون ايڪس آپريٽنگ سسٽم 12.1 جي اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو. ٽوئيٽر صارف راڪي محمد علي(@rocky_mohamad)  پنهنجي متاثر آءِ فون جي تصوير پوسٽ ڪئي آهي ۽ ايپل کي ٽيگ ڪندي لکيو آهي ته اپ ڊيٽ ڪندي سندس موبائيل فون بي انتها گرم ٿيو ۽ بعد ۾ ڌماڪي سبب ڦاٽي پيو. راڪي محمد علي جي پوسٽ جواب ۾ ايپل چيو ته هي فون بلڪل به ائين نٿو ڦاٽي سگهي، توهان اسان کي سڌو سنئون ميسيج ڪيو جيئن اسان ان کي وڌيڪ ڏسي سگهون. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ موجب ايپل ڪپمني ان معاملي جي جاچ جو واعدو پڻ ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے