18 پیر , فروری 2019

طاهر داوڙ جا قاتل ڪٿي به هجن کين نه ڇڏينداسين: شهريار آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته ايس پي طاهر خان داوڙ جو مڙهه ڏيڻ جي حوالي سان افغان حڪومت جو اختيار ڪيل رويو تڪليف ڏيندڙ هو. پشاور ۾ ڪي پي پوليس جي ايس پي طاهر طان داوڙ جي ڀاءُ ۽ ٻين اختيارين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهريار آفريدي چيو ته مان وزيراعظم جي خاص هدايت تي مڙهه وٺڻ لاءِ طورخم بارڊر ويس پر اتي جيڪو رويو ڏٺو، اهو تڪليف ڏيندڙ هو. هن چيو ته اهڙو رويو ڇو اختيار ڪيو ويو افغان حڪومت کي سوچڻو پوندو، اڍائي ڪلاڪ بيهارڻ کانپوءِ اسان کي چيو ويو ته پاڪستان کي مڙهه نه ڏينداسين، شهيد جو مڙهه نه ڏيڻ جو مقصد ان معاملي تي پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ هو، افغان حڪومت سان سفارتي سطح تي معاملو اٿارينداسين. سندس چوڻ هو ته هر شهري جي تحفظ جي ذميوار رياست آهي، طاهر داوڙ معاملي کي انجام تائين پهچائينداسين، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پناهگير پاڪستان ۾ آهن، اڄ اسان تي ”ففٿ جنريشن وار“ مڙهي وئي آهي، تنهن ڪري تصديق ٿيل اطلاع کانسواءِ ڳالهائڻ ٺيڪ ناهي، جڏهن تصديق ٿيل اطلاع مليا ته پارليامينٽ ۾ به ڳالهايو ۽ ميڊيا تي به. شهريار آفريدي چيو ته ان معاملي تي سڀاڻي وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس ٿيندو. ان موقعي تي طاهر داوڙ جي ڀاءُ مطالبو ڪيو ته قاتلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے