10 پیر , دسمبر 2018

ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جي لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر طلحه محمود ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ عافيه صديقي جي مسلسل قيد تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو، ضرورت آهي ته عافيه جي آزادي جو معاملو ٻيهر آمريڪا آڏو کنيو وڃي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته حڪومت عافيه صديقي جي جلد وطن واپسي جي لاءِ بندوبست ڪري. سينيٽ چيئرمين عافيه صديقي جي آزادي بابت منظور ٺهراءُ پرڏيهي کاتي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ٺهراءَ جي روشني ۾ عافيه صديقي جي وطن واپسي جي لاءِ بندوبست ڪري. هوڏانهن پرڏيهي کاتي جي ترجمان عافيه صديقي جي حوالي سان چيو آهي ته پاڪستاني قونصل خاني هيوسٽن ۾ گذريل ٽن سالن ۾ 12 ڀيرا ڊاڪٽر عافيه سان ملاقات چڪا آهيون. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪي حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيا صديقي سان ملاقات به ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے