10 پیر , دسمبر 2018

طاهر داوڙ جي قتل تي افغان رويي مان لڳي ٿو ته معاملو دهشتگرد تنظيم جو ناهي: پاڪ فوج

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج چيو آهي ته پاڪستاني پوليسي آفيسر طاهر داوڙ جو اسلام آباد مان اغوا، افغانستان منتقلي، اتي قتل ۽ پوءِ افغان اختيارين جو رويو ڪيترائي سوال پيدا ڪري رهيو آهي جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته اِهو معاملو افغانستان ۾ هڪ دهشتگرد تنظيم تائين جو ناهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي طاهر داوڙ جو افغانستان ۾ بيرحماڻو قتل انتهائي مذمت جوڳو آهي، اسان هڪ بهادر پوليس آفيسر کي وڃائي ڇڏيو. ترجمان چيو ته ان حوالي سان جاچ جاري آهي پر اسان عزم ٿا ڪيون ته افغان سيڪيورٽي اختياريون پنهنجي سر زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪنڊيدار تار لڳائڻ ۾ سهڪار ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے