10 پیر , دسمبر 2018

ضلع ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد بلوچ سان ڳالهه ٻولهه ضلع ڪائونسل ڪراچي ۾ جلد ترقياتي منصوبن جو نئون باب شروع ٿيندو پارٽي قيادت ضلع ڪائونسل جي چيئرمين شپ جي ذميواري ڏني آهي، سندن اعتماد تي پورو لهندس، گهٽ فنڊ باوجود عوام جي اُميدن تي پورا لٿا آهيون جنهن جي تائيد مخالف به ڪن ٿا والد شهيد عبدالله مراد جي شهادت کانپوءِ سندس سياسي سفر کي جاري رکڻ مون لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هو پر شهيد بينظير ڀٽو جي مثالي سياسي زندگيءَ اتساهه ڏنو، ان جي ڊگهي جدوجهد مان حوصلو ورتم ۽ سياسي سفر شروع ڪيم:انٽرويو :جميل چانڊيو

چيئرمين سلمان عبدالله مراد جي نوجوان قيادت ۽ سندس ٽيم ڪراچي جي ٿر، موئيدان، ڪنڊ جهنگ، مهر جبل جي ترقي  ۽ بنيادي سهولت پاڻي جي رسد کي پهچائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، موئيدان ۽ ڪنڊ جهنگ جو سفر ماضي ۾ ڪرڻ هڪ وڏو جهاد برابر هو پر ضلع ڪائونسل جي باصلاحيت ٽيم ڏکئي ۽ اڙانگهن رستن کي ٺيڪ ڪرائي عوام لاءِ آساني ڪئي، جنهن تي ڪروڙين روپيا لاڳت ضرور آئي پر ڪراچي ڏورانهن علائقن جا ماروئڙا جيڪي بيماري جي صورت ۾ شهر تائين پهچندي پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويهندا هئا، تن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ضلع ڪائونسل ڪراچي سلمان عبدالله مراد جي قيادت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ضلع ڪائونسل ڪراچي سامونڊي پٽي ابراهيم حيدري، جمعه حمايتي ڳوٺ، رزاق آباد، گلشن حديد، گهگهر ڦاٽڪ، درساڻو ڇنو، ڪاٺوڙ، گڏاپ جي جابلو پٽي کان ٿينديون ڪراچي اولهه جي ٻهراڙين کان وڃي ملن ٿيون، جنهن جي ڪل آبادي 25 لکن کان وڌيڪ آهي پر ضلع ڪائونسل ڪراچي جا فنڊ ايترا نه آهن جو هر علائقي ۽ هر ماڻهو کي بنيادي سهولتون ميسر ٿي سگهن پر تنهن باوجود ضلع ڪائونسل ڪراچي جي باصلاحيت ٽيم هڪ وڏو چئلينج سمجهي عوام جي اهنجن ۾ گهٽتائي آندي آهي،سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اُها ڪراچي ٻهراڙي جيڪا ملير، اولهه وارن ضلعن تي ٻڌل آهي تن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ضلع ڪائونسل ڪراچي جا هٿ مضبوط ڪري ته جيئن ڌرتي جا حقيقي وارث مسئلن کان آجا ٿي پنهنجي آئيندي لاءِ ڪو بهتر مستقبل جوڙي سگهن جتي باصلاحيت تعليم يافته ۽ صحتمند مستقبل جوڙي سگهي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي. اسان ضلع ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد بلوچ سان ملاقات ڪري سندس زباني سندس شخصيت، سياسي زندگي ۽ ضلع ڪائونسل ڪراچي جي مسئلن ۽ ڪارڪردگي معلوم ڪئي جيڪا پڙهندڙن لاءِ هتي پيش ڪجي ٿي.

ضلع ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عوامي آواز سنڊي مئگزين کي خاص انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته زندگي جو سفر وڏن امتحانن،  مسئلن ۽ ڪاميابين تي ٻڌل آهي، اهو سفر منهنجي والد شهيد عبدالله مراد جي شهادت کانپوءِ شروع ٿيو جنهن عوام جي حقن جي لاءِ شهادت ماڻي.گهٽ عمر ۾ وسيع خانداني ڪاروبار / گهر جو وڏو هجڻ سبب گهريلو زميوارين ۾ به واڌارو، والد جي سياسي سفر کي جاري رکڻ مون لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هو آءُ پهريان ٿورو گهٻرائجي ويو هيس پر مون جڏهن تنهائي ۾ محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي طرز زندگي کي ياد ڪيو جنهن والد جي شهادت کانپوءِ انتهائي ڏکائين، مسئلن ۽ آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندي جنهن طريقي سان پارٽي کي متحد رکيو ۽ پنهنجي ور جي  جيل ۾ هجڻ سبب جنهن نموني پنهنجي ٻارن جي مثالي پرورش مونکي نه صرف حوصلو ڏنو پر پنهنجي سياسي سفر ۽ خدمت خلق واري نيت سان پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو، ڪاروبار،خاندان ۽ سياست ۾ قدم رکڻ سان الله پاڪ ڪاميابين سان گڏوگڏ سرخرو ڪيو، سالن کانپوءِ آمر جي نظام جو خاتمو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي دانشمنداڻين پاليسين جي بدولت ٿيو جن اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪري، واڳ عوام جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪئي.

سلمان عبدالله مراد بلوچ  چيو ته پ پ قيادت مون مٿان اعتماد ڪندي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪراچي جي ايراضي تي ٻڌل ضلع ڪائونسل جي چيئرمين شپ جي لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي ۽ مون به قيادت جي اعتماد تي پورو لهندي ضلع ڪائونسل جي هر مسئلي کي پاڻ مرادو پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي پارٽي جي منشور مطابق عوام جي مسئلن ۽ ڪراچي ٻهراڙي جيڪا ماضي جي حڪمرانن جي پاليسين سبب ويساهه گهاتين جو شڪار هئي تنهن جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ مون ضلع ڪائونسل جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ سالن کان سهولتن کان محروم عوام ۾ اميد جا ڪرڻا جاڳيا پيا عدم توجهه سبب بدحال ملازمن به سک جو ساهه کنيو، ضلع ڪائونسل جي بدحالي واري ڪم ۾ پهريون پريشاني ٿي پر مسئلن سان گڏوگڏ سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جو صاف پاڻي جي عدم فراهمي، صفائي جي خراب صورتحال صحت مرڪز جي غير فعالي وارن مسئلن کي ڪائونسل جي ميمبرن جي سهڪار سان هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو جنهن سان بهتري اچي رهي آهي انهن علائقن ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون جتي پهريان ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، گئس، بجلي جي سهولتن کان وانجهيل علائقن ۾ سولر جي ذريعي واٽر سپلائي اسڪيمون ڏئي علائقي واسين کي پاڻي جي 24 ڪلاڪ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي، صحت مرڪز جيڪي موالين جي آماجگاهه بڻيل هئا ۽ بلڊنگون تباهي ڪنڌي پهچي ويون هيون تن جي مرمت ڪرائي، صحت مرڪز نه صرف فعال ڪيا پر انهن ۾ عوام کي لاڀ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، نئين روڊ رستن جي مرمت، تعميرات ۽ استرڪاري جو ڪم ڪرايو، سيوريج لائنيون، اسٽريٽ لائيٽون لڳرائي مرمت جو ڪم ڪرايو ويو، پارڪن مان قبضا مافيا جا قبضا ختم ڪرائي لاڳاپيل يونين ڪائونسل جي حوالي ڪيا ويا، ان مختصر وقت ۾ هر يونين ڪائونسل ۾ بنا تفريحي، رنگ، نسل جي ڪم ڪرائي 38 يونين ڪائونسلن ۾ برابري جي بنياد تي بجيٽ جاري ڪئي وئي ۽ انهن جا اختيار ۽ مشاورت ڪائونسلرن حوالي ڪئي وئي.

هن چيو ته اسان جا مخالف به اسان جي ان فرض ۽ خدمت جي تائيد ڪن ٿا. موجوده فنڊ ضلع ڪائونسل جون حدون جيڪي سڄي ڪراچي ۾ 65 سيڪڙو زميني ايراضي تي ٻڌل آهي، تنهن لاءِ ملندڙ فنڊ انتهائي گهٽ ۽ ناڪافي آهي، ضلع ڪائونسل ڪراچي جون جڙونس هڪ طرف ضلعو ٺٽو، ڄامشورو کان ٿينديون بلوچستان جي حب چوڪي جي سرحدن سان وڃي دنگ ڪن ٿيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ سلمان عبدالله مراد بلوچ  چيو ته فنڊ جي واڌاري لاءِ مون سنڌ حڪومت خاص طور تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه وٽ ڪيس رکيو آهي، جنهنجي موٽ اڃا خاطر خواهه طريقي سان نه ملي آهي پر تنهن باوجود پ پ جي اعليٰ قيادت ضلع ڪائونسل جي حدن اندر ايندڙ عوام لاءِ انتهائي سنجيده ۽ نرم گوشو رکي ٿي، انشاءالله ضلع ڪائونسل ۾ ترقياتي منصوبن جو هڪ نئون باب جلد شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ منهنجي ٽيم ٻانهن ٻيلي آهي جيڪي هن وڏي ايراضي تي پنهنجي ماروئڙن جي زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي سنجيده آهي،ضلع ڪائونسل ڪراچي لاءِ وڏا پراجيڪٽ ڏيڻ ممڪن نه آهن پر اسان مواصلات جي بهتر نظام جيڪي روڊ رستا ٻهراڙين کي شهرن سان رابطي جو ذريعو آهن ان تي 100 سيڪڙو عمل درآمد جو ڪاروان جاري آهي، ضلع ڪائونسل عوام ۾ شعور ۽ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ بهترين لائبريريون ۽ درسگاهن کي اپگريڊيشن ڪري هر ان اسڪيم کي بجيٽ جو حصو بڻايو آهي، جنهن ذريعي عوام کي سهولتن سان گڏوگڏ لاڀ مليو آهي، سلمان عبدالله مراد چيو  ته شهيد قائدين ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو عوام جي ترقي ۽ خوشحالي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو . شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو روٽي، ڪپڙا، مڪان دنيا جي تمام مظلومن جي آواز بڻجي ويو، آءُ به ان منشور جو پوئلڳ آهيان جنهن تحت عوام جي فلاح بهبود جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندس، انشاءَالله ضلع ڪائونسل کي ڪلين اينڊ گرين بڻائڻ جي واعدي کي هر صورت ۾ نڀائيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے