10 پیر , دسمبر 2018

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري فصلن تي ناڪاري اثر پون ٿا،  ڪجھه اهڙيون شيون جيڪي اسان کي ظاهري طور ته فائديمند لڳن ٿيون پر اهي شيون لڪيل گدلاڻ آھن.

ڪافي اهڙا عمل آھن جن کي اسين زرعي گدلاڻ چئي سگهون ٿا، فصل کي زرعي گدلاڻ جي ڪري ججهن قسمن جون بيماريون ۽ رنڊڪون پيدا ٿين ٿيون ۔ اسان  زرعي گدلاڻ هر ان  شيءِ کي چئي سگهون ٿا، جيڪا  ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ فصل کي نقصان پهچائي ٿي۔! مطلب فصل جي قدرتي بيهڪ کي بگاڙيندڙ ھر عمل کي زرعي گدلاڻ چئي سگهجي ٿو۔  زرعي گدلاڻ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جيئن هڪ ئي زمين ۾ ساڳيا ساڳيا فصل پوکڻ سان بيمارين ۽ جيتن جا حملا برقرار رهن ٿا ۽ سولائي سان نئين پوکيل فصل کي نقصان ڏين ٿا۔ بيمارين ۽ جيتن جي حملي کان بچڻ لاء آبادگارن کي گهرجي ته هر دفعي پنهنجي زمين ۾ فصلن جي مٽاسٽا واري عمل سان فصل پوکين ، ان کان علاوه زمين ۾ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي جو استعمال، ضرورت کان وڌيڪ ڪيميڪل ڀاڻ استعمال، نقلي زرعي دوائن جو استعمال، زرعي زمينن ۾ پراڻن ۽ وڏن وڻن جي گهڻائي، گندگاھه جو وڌي وڃڻ ۽ زمين جي ٻاهرين پاسن کان وڏا وڏا ڊرڀ وغيره زرعي گدلاڻ ۾ ليکيا وڃن ٿا۔

زمين هموار نه هئڻ ڪري پاڻي ۽ ججهي مقدار ۾ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو زمين جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪري فصل کي نقصان ڏئي ٿو۔

ڪافي آبادگار فصل ڀلو ۽ ججهي پيداوار حاصل ڪرڻ لاء ضرورت کان وڌيڪ ڪيميائي ڀاڻ جو ڪن ٿا۔!  جيڪو پڻ زمين جي P.H LEVEL کي مقرر حد کان وڌيڪ وڌائي ڇڏي ٿو، جيڪو اڳتي هلي تيزابيت جي صورت اختيار ڪري زمين کي نقصان پهچائي ٿو ۔

زرعي زهر جو ڪافي هنڌن تي غلط طريقيڪار سان مختلف قسمن جي صورتن ۾ زرعي يا زميني گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿو، زرعي زهر کي استعمال ۾ آڻڻ لاء پاڻي جي ضرورت پوي ٿي، تنهن ڪري واھن ۽ شاخن جي ڪپ تي زرعي زهر پاڻي ۾ شامل ٿي ٿو ۽ اسپري ڪرڻ دوران ٻوٽن تي اسپري ٿيڻ سان گڏوگڏ زمين تي به ڦوهارو ٿيندو رهي ٿو، يا بيڪار ٿيل زرعي زهر واھن يا شاخن ۾ هاريو وڃي ٿو، جيڪو زرعي پاڻي سان گڏجي زمين ۾ جزب ٿي زميني گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿو ۔

ماحول کي صاف سٿرو ۽ خوشگوار رکڻ لاء وڻن جو هئڻ ضروري آھي، پر زرعي زمين ۾ وڻن جي گهڻائي به هڪ قسم جي گدلاڻ آھي۔ ڪنهن به ٻوٽي کي کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاء اۡس جي ضرورت پوي ٿي ، تنهن ڪري  زرعي زمين ۾ وڻن جي گهڻائي جي ڪري  فصل تي وڻن جا ڇانورا رهن ٿا انڪري فصل جي واڌ ويجھه ۽ کاڌو حاصل ڪرڻ وارو عمل متاثر ٿئي ٿو، جيئن گند گاھه فصل جي حصي واري کاڌ خوراڪ تي اثر انداز ٿئي ٿو ، بلڪل ساڳي ئي حالت ۾ وڻن جي گهڻائي به فصل جي حصي ۾ ايندڙ ڪافي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو استعمال ڪندا رهن ٿا ،  انڪري فصل پنهنجي صحيح طريقي واري واڌ ويجھه يا کاڌ خواراڪ حاصل ڪرڻ کان محروم رهي ٿو،  جيڪو عمل پڻ زرعي گدلاڻ ۾ شمار ٿئي ٿو۔

فصل ۾ گندگاھه سڀني مصيبتن کان وڏي مصيبت ۾ شامل ٿئي ٿو، گندگاھه فصل جي کاڌخواراڪ سميت فصل جي جڳھه پڻ والاري ٿو، گندگاھه جي ڪري نقصانڪار جيتن جو حملو،  پکين جو حملو، جانورن جو حملو پڻ ٿئي ٿو، جيڪو عمل پڻ زرعي گدلاڻ ۾ شمار ٿئي ٿو۔

زمين جي ٻاهرين پاسن کان قائم  پراڻا ٻنا ۽ ڪڙون جن تي وڏا وڏا ڊڀ ھجن ٿا، تن ۾ نقصانڪار جيت پناھه وٺن ٿا، ۽ پنهنجا آنا محفوظ رکن ٿا، اهڙو عمل پڻ زرعي گدلاڻ ۾ شمار ٿئي ٿو۔

آبادگارن کي گهرجي ته  زرعي گدلاڻ کي سنجيدگيءَ سان نٿا وٺن، ۽ اهڙي لڪيل گدلاڻ وڏن وڏن نقصانن کي جنم ڏئي ٿي، آبادگارن کي گهرجي ته هو اهڙن ننڍن ننڍن گدلاڻ جي سببن تي غور ڪن ۽ اهي گدلاڻ وارن عمل کي ختم ڪرڻ لاء مثبت قدم کڻن ته جيئن فصلن جي بيمارين، جيتن جا حملا، فصلن جي کاڌ خواڪ وارو عمل برقرار رکي سٺي فصل سان گڏ ججهو فائدو پڻ حاصل ڪري سگهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے