10 پیر , دسمبر 2018

اظهر علي هاڻ مختصر فارميٽ ۾ نظر نه ايندو:شاهه رخ سنديلو

ڏينهن رانديگرن جي رٽائرمينٽ هونئن معمول جي ڳالهه آهي، ڪي پنهنجي عروج وارن ڏينهن ۾ ئي راند کان پاسيرا ٿي ويندا آهن ته ڪي وري وڌيڪ کيڏڻ جو ڀوتو نه ڀائيندي ڪرڪيٽ کي الوداع ڪندا آهن، انهن ۾ قومي ڪرڪيٽر اظهر علي به شامل ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ ائين نٿو چئي سگهجي ته هو وڌيڪ کيڏڻ جي همٿ نه ڪندي ون ڊي ڪرڪيٽ ڇڏي ويو ۽ اهو چوڻ به غلط هوندو ته اظهر علي پنهنجي عروج وارن ڏينهن ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو پر شايد اوپننگ بيٽسمين کي اندازو ٿي ويو آهي ته ٽيم مئنجيمنٽ کيس ان فارميٽ ۾ کيڏائڻ تي غور ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، هونئن به اڄ جي دور ۾ جيڪا ڪرڪيٽ کيڏي پئي وڃي، ان ۾ سِلو بيٽسمينن کي اوليت ڏيڻ جو رجحان گهٽجندو پيو وڃي، تنهن ڪري جيڪڏهن چئجي اظهر علي وقتائتو فيصلو ڪيو آهي ته ڪو واڌارو نه هوندو.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اظهر علي هڪ باصلاحيت رانديگر آهي ۽ هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه يادگار اننگز به کيڏيون پر ان فارميٽ ۾ سندس مجموعي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ ناهي رهي.

اظهر علي جي ون ڊي ڪيريئر تي نظر وجهجي ته هن 53 ميچن ۾ 3 سينچرين ۽ 12 ففٽين جي مدد سان 1845 رنسون ٺاهيون ۽ سندس ايوريج 36.90 رهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن حساب سان سٺي ضرور آهي پر بهتر اسٽرائيڪ ريٽ نه هجڻ ۽ اڄوڪي دور ۾ هڪ اوپنر طور جارحاڻي (Aggressive) ڪرڪيٽ نه کيڏڻ به سندس ناڪاميءَ جو ڪارڻ رهي. 2011ع ۾ ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ اظهر علي 2013ع تائين 14 ميچن ۾ رڳو 4 ففٽيون اسڪور ڪري سگهيو، جنهن کانپوءِ سندس لاءِ ٽيم ۾ جاءِ برقرار رکڻ ڏکيو ٿي ويو ۽ هو لڳ ڀڳ ٻه سال ون ڊي ڪرڪيٽ کان پري رهيو، ان کانپوءِ اظهر علي جي ٽيم ۾ واپسي ڪپتان طور ٿي، جيڪو يقينن اچرج جوڳو فيصلو هو، 2015ع ۾ مصباح الحق طرفان ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي اعلان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ اهڙي رانديگر کي ڪپتان مقرر ڪيو، جيڪو ٻن سالن کان اهو فارميٽ کيڏيو ئي نه هو.

اظهر علي جو ون ڊي فارميٽ ۾ ڪپتاني جو  پهريون ئي امتحان ڀوائتو خواب ثابت ٿيو ۽ قومي ٽيم بنگلاديش خلاف ٽن ون ڊي جي ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست کاڌي، ان کانپوءِ به اظهر علي جي ڪپتاني ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ گهڻو سڌارو نه آيو ۽ سندس اڳواڻي ۾ ٽيم 10 مان 4 سيريز کٽڻ ۾ ڪامياب رهي پر سڀ کان پريشان ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ان عرصي ۾ قومي ٽيم رينڪنگ ۾ نائين پوزيشن تي وڃي پهتي، جڏهن ته بيٽسمين جي حيثيت سان پڻ اظهر علي جي ڪارڪردگي سواليا نشان بڻيل رهي، نيٺ 2017ع ۾ آسٽريليا هٿان 1-4 تان شڪست کانپوءِ ٿيندڙ تنقيد تي اظهر علي ڪپتاني ڇڏي ڏني.

ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ به اظهر علي کي ون ڊي فارميٽ ۾ موقعو ملندو رهيو ۽ هن گذريل سال چيپميئنز ٽرافي ۾ ڪجهه بهتر اننگز کيڏيون، جن ۾ ڀارت خلاف فائنل ۾ شاندار ففٽي پڻ شامل هئي پر هلندڙ سال جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ جي دوري دوران هو ٽن اننگز ۾ ڊبل فگر تائين به نه پهچي سگهيو، اهو ئي سبب آهي جو اظهر علي ٻيهر (گرين شرٽ) ۾ نظر نه آيو.

هاڻ جڏهن عالمي ڪپ ۾ ڪجهه وقت ئي وڃي بچيو آهي ۽ هر ٽيم پنهنجي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ رانديگرن جون صلاحيتون جاچي رهي آهي، نيوزيلينڊ جي هلندڙ سيريز کانپوءِ پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا خلاف به ون ڊي سيريز کيڏڻي آهي، جنهن ۾ پڻ جارحاڻي بيٽسمين فخر زمان ۽ امام الحق جي موجودگيءَ ۾ اظهر علي جي شموليت جو امڪان نظر نٿو اچي، تنهن ڪري ان کان اڳ جو سليڪشن ڪميٽي اظهر علي کي ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ مان به ڊراپ ڪري ڇڏي…! هن اڳ ئي ٽيم کان پنهنجا رستا ڌار ڪرڻ ۾ چڱائي سمجهي.

ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ 33 ورهين جي بيٽسمين پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته منهنجي سڃاڻپ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ئي رهي، جنهن ۾ منهنجي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي ۽ مان پنهنجو سڄو ڌيان ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي ئي ڏيڻ چاهيان ٿو. سندس بقول ڪپتان سرفراز احمد سميت سمورا رانديگر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اظهر علي کي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان نظر نه پئي آيو، تنهن ڪري هن چيو ته هي ون ڊي فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو بهترين وقت آهي.

اڳوڻي ڪپتان کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ جيڪو مقام حاصل آهي ان جي ته سڀني کي خبر آهي. هو 67 ميچن جي 128 اننگز ۾ 14 سينچرين ۽ 29 ففٽين جي مدد سان 5303 رنسون ٺاهي چڪو آهي، اظهر علي ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ ٽيم لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. اوپننگ بيٽسمين مصباح الحق ۽ يونس خان جي موجودگيءَ ۾ به پاڻ مڃرايو، جڏهن ته سندن رٽائرمينٽ کانپوءِ به پنهنجي ذميواري بهتر انداز ۾ نڀائي رهيو آهي. هونئن به ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ئي ڪردار رهيا آهن، جيڪي 5 ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري چڪا پر کين ون ڊي فارميٽ ۾ اهو مقام حاصل نه ٿي سگهيو، جن ۾ قومي ٽيم جو بهترين مڊل آرڊر بيٽسمين اسد شفيق به شامل آهي، جڏهن ته انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ پنهنجي ملڪ طرفان ٽاپ اسڪورر اليسٽر ڪُڪ ان جو واضح مثال آهي، جنهن ون ڊي فارميٽ کي ڇڏي رڳو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ کي ئي اوليت ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے