13 جمعرات , دسمبر 2018

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت سان سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري کي صلاح ڏيندو رهندو آهيان. ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته منهنجو خيال آهي ته ڪو ٽريگر اهڙو هوندو آهي جتي ري ايڪشن تي ري ايڪشن ۾ معاملا خراب ٿي ويندا آهن. صدر عارف علوي چيو ته جيئن ته تحريڪ انصاف حڪومت ۾ آهي ته ان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته حڪومت هلندي رهندي. قانون سازي جي حوالي سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ سهڪار نظر ناهي اچي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ۾ سهڪار ان ڪري نظر ناهي اچي رهيو ڇو ته ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ڳٺ جوڙ نه هئڻ گهرجي. عدالت طرفان آئين جي آرٽيڪل 248 جي تحت ڇوٽ ملڻ بابت سوال تي صدر جو چوڻ هو ته عدالت کين ڇوٽ ناهي ڏني. هن وڌيڪ چيو ته عدالت ۾ منهنجي وڪيل چيو ته صدر صاحب چاهي ٿو ته هن جي ڪيس جي پيروي ڪئي وڃي پر جج صاحب چيو ته آئون آئين جي آرٽيڪل 248 جي تحت مجبور آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ جي معاملي ۾ وزيراعظم مداخلت ناهي ڪئي: زلفي بخاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري چيو آهي ته اي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے