19 منگل , فروری 2019

طاهر داوڙ قتل: حڪومت معاملو افغان اختيارين آڏو رکي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايس پي طاهر خان داوڙ جي اغوا ۽ قتل جي مذمت ڪندي چيو ته سينيئر پوليس آفيسر جو اسلام آباد مان اغوا ۽ افغانستان ۾ قتل ڳڻتي جوڳو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هڪ سينيئر پوليس آفيسر ڪيئن اسلام آباد مان اغوا ٿيو ۽ بنا رنڊڪ جي افغانستان منتقل ٿي ويو، وفاقي حڪومت طاهر داوڙ جي اغوا بعد سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڇو نه ڪئي؟ هن چيو ته موجوده حڪومت طاهر داوڙ جي اغوا واري واقعي کي غير سنجيدگي سان ورتو، اڃان به ان معاملي تي ڪيترائي جواب اچڻ باقي آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت کي اِهو معاملو افغان اختيارين سان اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ تي الزام هڻڻ بدران حڪومت اغوا جي معاملي کي سنجيده ڇو نه ورتو، حڪومت ٻڌائي ته ڪهڙو سبب آهي جو داوڙ جي اغوا واري واقعي کي اوليت ناهي ڏني وئي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪلڀوشن ياديو کي بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي لاءِ موڪليو ويو: پاڪستان

دي هيگ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت هميشه پاڙيسرين کي عدم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے