20 بدھ , فروری 2019

شهيد ايس پي طاهر خان داوڙ جي جنازي نماز پشاور ۾ ادا ڪئي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس لائن ۾ مقتول ايس پي طاهر خان داوڙ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، گورنر شاهه فرمان، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي ۽ آءِ جي پوليس شرڪت ڪئي. صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي، ڪي پي حڪومت جو ترجمان اجمل وزير، ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل شاهين مظهر محمود ۽ ڪمانڊنٽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري معضم انصاري سميت اعليٰ پوليس ۽ سول اختياريون به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيون. ان کان اڳ ڪي پي پوليس جي دستي شهيد ايس پي کي سلامي ڏني.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

هڪ تبصرو

  1. الله تعالي مغفرت فرمائي ءِ جنت ۾ عالي مڪام عتا فرمائي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے