11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ| ٿر ۾ صحت جون اڻهوند سهولتون،عورت ٻارڙي کي ٿيلهي ۾ بند ڪري اسپتال پهتي

ٿر ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ جون صحت کاتي جون دعوائون  رد  ٿي ويون،عورت 8 ڪلوميٽر پنڌ ڪري تازي ڄاول ٻارڙي کي ٿيلهي ۾ بند ڪري اسپتال پهتي.

مٺي ڀرسان ڳوٺ مالڻهور واسڻ عورت سانوڻ ڀيل تازي ڄاول ٻارڙي کي سرديءَ کان بچائڻ لاءِ ٿيلهي ۾ بند ڪري اسپتال پهتي،ڊاڪٽر حيران ٿي ويا.

ڊاڪٽرن رلي سميت ويڙهيل ٻارڙي کي ٿيلهي مان ڪڍي ايمرجنسي ۾ داخل ڪيو.

اهڙي واقعي بعد صحت کاتي جون ٿر ۾ سهولتون هجڻ واريون دعوائون مڪمل ڌوڙ ٿي ويون آهن.

ٻهراڙين ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشان آهن

رپورٽ-غازي بجير

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے