12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  پڇڙي ۾ اڃا تائين پاڻي نه پهتو، آبادگارن جو  جوهي  80 ڏينهن ۽ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٻي ڏينهن به احتجاج  جاري

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، ملڪ جو نامور  ليور ٽرانسپلانٽ سرجن محمد خان ٻٻر، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، يونس سولنگي ۽ ٻيا يڪجهتي طور  آبادگارن وٽ پهتا

زرعي پاڻي تي چونڊيل نمائيندا ۽ وڏيرا زرعي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ڪتي جو فصل نه ٿيو ۽ هاڻي چيٽ ۾ به پاڻي بند هجڻ ڪري ٻچا بکون پيا ڪاٽين،

سندن چوڻ هو ته آبپاشي عملدارن جي ڪرپشن جوهي ۽ ڪاڇي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي راشي ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي جي فراهمي بحال ڪري بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺاڻن پاران راشن بيگ جي فهرست ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

چيلهار ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڳورهارين عورتن لاءِ راشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے