12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ:حيدرآباد: رڪشا ڊرائيورن جو پارڪنگ في وٺڻ خلاف احتجاج

*حيدرآباد ۾  اسريٰ يونيورسٽي سامهون رڪشا بيهاريندڙ ڊرائيورن کانئن زبردستي پارڪنگ في وٺڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي فاروق، علي، شهزاد ۽ ٻين چيو ته هو اسريٰ يونيورسٽي جي سامهون واري روڊ تي سواري کڻڻ لاءِ پنهنجا رڪشا بيهاريندا آهن، اتي اسريٰ يونيورسٽي جي نالي تي بيٺل ماڻهو کانئن زبردستي 20 روپيا پارڪنگ ٽيڪس وصول ڪن ٿا، جيڪا نه ڏيڻ تي کين سواري کڻڻ نٿي ڏني وڃي.

 هنن گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کانئن غير قانوني پارڪنگ في وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺاڻن پاران راشن بيگ جي فهرست ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

چيلهار ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڳورهارين عورتن لاءِ راشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے