10 پیر , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ روڊ حادثا، 3 ڄڻا فوت، 2 عورتن سميت 9 زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران 3 ڄڻا فوت، 2 عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي، ملير سٽي جي علائقي ڪالوني سگنل ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ 40 ورهين جو نامعلوم شخص فوت ٿي ويو. سڃاڻپ نه سبب فوتي جو لاش سرد خاني ۾ رکرايو ويو. سعيد آباد جي علائقي يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻه موٽرسائيڪل سوار فرمان ۽ فهد زخمي ٿي پيا. ملير ريلوي جي علائقي ڀينس ڪالوني ٽريڪ تي ريل گاڏي جي هيٺان اچي 50 ورهين جو نامعلوم شخص فوت ٿي ويو. گلشن معمار جي علائقي معمار موڙ ڀرسان تيز رفتار مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻه عورتون ۽ 5 مرد زخمي ٿي پيا. جن کي فوري طور تي طبعي امداد لاءِ ويجهي اسپتال پهچايو ويو، مٺادر جي علائقي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ ڊرائيور زخمي ٿي پيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ريئل اسٽيٽ ڪيس، نيب آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي 13 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) نيب اسلام آباد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے