12 بدھ , دسمبر 2018

اسلام آباد وارا سمجهن ته ملڪ انهن نه عوام ٺاهيو، ڪرڪيٽر ليڊر نه ٿو بڻجي سگهي: آصف زرداري

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو)پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري بدين ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بدين جي سمورن مسئلن جي خبر آهي بدين جي ٽي لک ايڪڙ سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، سنڌ حڪومت ان جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.آصف علي زرداريءَ چيو ته ٻين قوتن کي خبر پئجي وئي آهي اصل جمھوري ماڻهو حڪومت ھلائي سگھن ٿا. ڪنھن به رانديگر جي ڪيتري بھ  مدد ڪريو پر ھو عوامي ليڊر نٿو ٿي سگهي نھ ئي حڪومت ھلائڻ جو ھنر اچي سگهي ٿو.  اسان جي حڪومت ۾ اسان جي مدد نھ ڪئي وئي، اسلام آباد کي سمجھڻ گھرجي ته ملڪ عوام ٺاھيو. سنڌ ۽ بنگال اسيمبلين  ٺاھيو، توھان جنگ ڪري آزاد نھ ڪرايو ھو. سنڌ جي حقن تان ھٿ نھ کڻنداسين، مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين، ملڪ ۾ سرمايو گھڻو آھي پر انھن کي اسلام آباد وارن تي اعتماد نه آهي. آصف علي زرداري چيو ته بدين ضلعي جي به آڊٽ ڪندس نون پراڻن عوامي نمائندن کان حساب وٺندس جن عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي انھن کي حساب ڏيڻو پوندو. ھن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ آبادگارن کي جنسن جا اگهه مليا پئي، صنعتون ھليون پئي، پر ھن وقت صنعتن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان بيروزگاري وڌندي ۽ آبادگار پريشان آهن، پاڻي جي ورڇ صحيح نه ٿي رھي آھي، رکيل تقريب ۾ سيد علي بخش عرف پپو شاھ، بي بي ياسمين شاھ، عبدالغفور نظاماڻي ۽ ٻين آصف زرداري جو  ايم پي اي تاج محمد ملاح، عبدالرحمان بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود رھيا. جڏھن ته آصف علي زرداري جڏھن پنڊال مان اسٽيج تي پھتو ته پيپلز پارٽي جي ضلعي قيادت کي روڪي رکيو ويو، سڀني کي ھيٺ ويھڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضٰي وهاب ايپڪس ڪاميٽي مان گورنر کي ڪڍڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے