10 پیر , دسمبر 2018

ٽيون سنڌ لٽريچر فيسٽيول 28 کان 30 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ٿيندو

ڪراچي (رپورٽر ) ٽيون سنڌ لٽريچر فيسٽيول  28 کان 30 ڊسمبر 2018 ع تي ڪراچي جي تاريخي اسڪول اين جي وي ۾” پراڻي ڪراچي سان نئين محبت “ جي عنوان هيٺ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايس ايل ايف جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾چيو آهي ته ٽئين سنڌ لٽريچر فيسٽيول جون تياريون  ڀرپور انداز سان جاري آهن، ٽن ڏينهن واري هن فيسٽيول دوران، ادب، تاريخ، ثقافت، صحافت، سياست، ڪلچر، تاريخي ماڳن توڙي مزاح ۽ ٻين مختلف موضوعن تي 45 مختلف سيشنز ترتيب ڏنا ويا آهن، جن ۾نه رڳو ملڪي پر پرڏيهي اسڪالر پڻ شرڪت ڪندا، فيسٽيول دوران ٽئي راتيون راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي، جنهن ۾ملڪ جا ناليوارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، جڏهن ته عورت شاعرائن جو مشاعرو پڻ ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن ۾مختلف ٻولين جون عورت شاعرائون شرڪت ڪري پنهنجون ڪويتائون پيش ڪنديون، هلندڙ سال دوران مختلف موضوعن تي مارڪيٽ ۾ آيل 8 ڪتابن جي مهورت پڻ ٿيندي، فيسٽيول دوران هڪ شاندار آرٽ گئلري پڻ قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي 55 آرٽسٽن جي فن پارن جي نمائش ڪئي ويندي، فيسٽيول ۾ ٻارڙن جي حوالي سان به خاص پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ريئل اسٽيٽ ڪيس، نيب آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي 13 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) نيب اسلام آباد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے