10 پیر , دسمبر 2018

ايس پي مٽي ماءُ حوالي، افغان حڪومت جي رويي مان لڳي ٿو ته معاملو دهشتگرد تنظيم جو نه ٿو لڳي:آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (م ڊ) افغانستان ۾ قتل ٿيل ايس ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. لاش دير سان ملڻ تي افغانستان سان احتجاج ڪيو ويو. فوجي ترجمان چيو آهي ته افغان سرڪار جي رويي مان لڳي ٿو ته هي ڪم دهشتگرد تنظيم جو ناهي. اغوا کان پوءِ افغانستان ۾ قتل ايس پي پشاور طاهر خان داوڙ جو مڙهه افغان اختيارين ڳالهين کان پوءِ پاڪستان حوالي، ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ مملڪي گهرو وزير شهريار آفريدي، خيبرپختونخوا جو سڌ سماءِ وارو وزير شوڪت يوسفزئي، دپٽي ڪمشنر خيبر محمود اسلم سميت ٻيون اختياريون طورخم بارڊر تي پهتا ته افغانستان مڙهه پاڪستان حوالي ڪرڻ خان انڪار ڪيو هو، افغانستان اختيارين جو اصرار هو ته هو طاهر دواڙ جو مڙهه قبائلي نمائندن يا محسن دواڙ جي حوالي ڪن، جنهن پوءِ حڪومت جي اجازت سان محسن دواڙ به طور خم بارڊر تي پهتو ۽ ڳالهين ۾ حصو ورتو جنهن کان پوءِ افغانستان طاهر دواڙ جو مڙه پاڪستان حوالي ڪيو. طاهر داوڙ جي جنازي نماز پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پختونخواهه جو وڏو وزير، محمود خان، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، ڪورڪمانڊر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ڪي پي پوليس جي ايس پي طاهر داوڙ جي قتل تي پاڪستان افغان سفارتخاني جي انچارج کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي معاملي تي افغان سفارتخاني جي انچارج کي ٻيهر پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب طاهر داوڙ جي مڙهه جي حوالگي ۾ دير تي  افغانستان سان احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته طاهر خان داوڙ جو مڙهه جلد پاڪستان حوالي ڪيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير به دير تي احتجاج ڪيو آهي. ممڪلتي گهرو وزير شهريار  آفريدي چيو آهي ته  پشاور جي ايس پي طاهر داوڙ جي اسلام آباد مان اغوا ۽ افغانستان ۾ قتل واري معاملي تي اسان جوابده آهيون،  واقعي ۾ ملوث عنصرن کي عبرت جو نشانو بڻائي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته طاهر داوڙ جو مسئلو حساس هو پر اسان جوابده آهيون، ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڀلي هو افغانستان هجي يا وري پاڪستان ۾ هجي. هن چيو ته  طاهر داوڙ ٻن آپگهاتي حملن ۾ محفوظ رهيو، کيس اڳ به ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن، جڏهن ته ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي به شهيد ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته 28 آڪٽوبر تي طاهر داوڙ جي گم ٿيڻ جي ايف آءِ آر سندس ڀاءُ فرحان الدين احمد جي فرياد تي اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي جنهن سندس ڳولا شروع ٿي پر سمورن ڳجهن ادارن ۽ سڪيورٽي ادارن پاران اها ڳالهه سامهون اچي رهي هئي ته طاهر داوڙ سان رابطو نه ٿي رهيو آهي ۽ کيس ٽريس ڪيو پيو وڃي. شهريار آفريدي ٻڌايو ته 13 نومبر تي سوشل ميڊيا تي جڏهن تصويرون آيون ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ اهڙو ڪو ذريعو نه هو جنهن مان تصديق ٿي سگهي پوءِ 14 نومبر تي افغان حڪومت طاهر داوڙ جي قتل جي تصديق ڪئي.  هن چيو ته ايس پي طاهر داوڙ کي اسلام آباد مان اغوا ڪري پنجاب جي شهر ميانوالي آندو ويو، پوءِ بنو کانپوءِ افغانستان نيو ويو. شهريار آفريدي ٻڌايو ته طاهر داوڙ جو آخري پيغام گهر والن لاءِ اهو هو ته مان محفوظ آهيان پريشان نه ٿيو.  ممڪلتي وزير ٻڌايو ته افغان حڪومت طرفان طاهر داوڙ جي قتل جي تصديق تي وزيراعظم ڪي پي جي وڏي وزير، آءِ جي ڪي پي ۽ آءِ جي اسلام آباد کان انڪوائري رپورٽ گهري آهي. هن چيو ته هي پهريون واقعو ناهي، ڪجهه عنصر پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. شهريار آفريدي اسلام آباد ۾ سيف سٽي منصوبي تحت هنيل ڪئميرائن جي فعاليت تي به سوال اٿاريو ۽ چيو ته 1800 جي لڳ ڀڳ ڪئميرائون لڳايون ويون پر ڪنهن ڪئميرا ۾ اها صلاحيت ناهي ته گاڏي نمبر يا ڪنهن شڪل جي تصديق ٿي سگهي، افغان بارڊر سائيڊ تي ڪو به نظام ناهي جنهن تي افغان حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ممڪلتي وزير سيف سٽي منصوبي تحت ڪيمرائون لڳائڻ بابت جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزير اعظم عمران خان ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم پاڪستان عمران خان اسلام آباد مان گم ٿيڻ ۽ بعد ۾ افغانستان ۾ قتل ٿيل خيبرپختونخواهه پوليس جي آفيسر طاهر داوڙ جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس پي طاهر خان جي افسوس جوڳي قتل جي واقعي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. وزير اعظم خيبرپختونخواهه پوليس کي واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اسلام آباد پوليس کي ڪي پي پوليس سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي جڏهن ته گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي کي سموري انڪوائري جي هدايت ڪندي چيو ته هُو واقعي جي جاچ بعد رپورٽ پيش ڪري. ٻئي طرف پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ايس پي طاهر داوڙ جي اغوا، قتل ۽ ان کانپوءِ افغان اختيارين  جو رويو ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايس پي طاهر داوڙ جو افغانستان ۾ بيرحماڻو قتل انتهائي مذمت جوڳو آهي، اسان هڪ بهادر پوليس آفيسر کان محروم ٿي ويا آهيون. سندس اغوا، افغانستان منتقلي، قتل ۽ ان کانپوءِ افغان اختيارين جو رويو ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪستاني اختيارين طرفان معاملي جي جاچ جاري آهي،اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو عزم ڪريون ٿا ته افغان سيڪيورٽي فورسز سرحدن تي تار لڳائڻ ۽ ٻه طرفي بارڊر سيڪيورٽي ۾ تعاون ڪري ته جيئن پاڪستان خلاف افغان سرزمين جي استعمال کي روڪي سگهجي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ستار هاڻ سهارو ڳولي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپوٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے