10 پیر , دسمبر 2018

ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالرن جو راڄ نيوزيلينڊ جي ٽيم 153رنسن تي ڍير

New Zealand opt to bat against Pakistan in Abu Dhabi Test

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ٽن ٽيسٽ ميچن جي سريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي سموري ٽيم 153 رنسن تي آل.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، نيوزيلينڊ طرفان اننگز جي شروعات جيت راول ۽ تام ليٿم ڪئي، پر اوپنر سٺي ڪاڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا ۽ 35 رنسن جي گڏيل اسڪور تي ٻئي اوپنر پويلين موٽي ويا، ڪيوي ٽيم جو سڀ کان سينيئر ۽ ڀلوڙ بيٽسمين روز ٽيلر پڻ 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو کيس ياسر شاهه وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد جي مدد سان پويلين جي راهه ڏيکاري. نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ڪجهه مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجي ففٽي مڪمل ڪري هن 63 رنسون اسڪور ڪيون، پر سندس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ  ڪيوي ٽيم جو مڊل آرڊر گهڻي دير وڪيٽ تي ٽڪي نه سگهيو پوري ٽيم 153 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان جو ياسر شاهه سڀ کان ڪامياب بالر رهيو جنهن 3 ڪيوي بيٽسمينن کي پويلين جي راهه ڏيکاري، حسن علي، محمد عباس ۽ حارث سهيل ٻه، ٻه شڪار ڪيا جڏهن ته بلال آصف جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. ابوظهبي ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم محمد حفيظ، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، ڪپتان سرفراز احمد، ياسر شاهه، بلال آصف، محمد عباس ۽ حسن علي تي ٻڌل آهي. هلندڙ سال قومي ٽيم جي ڪارڪردگي مثبت رهي، آئرلينڊ کي اڪيلي ميچ ۾ شڪست ڏني، انگلينڊ ۾ سريز 1-1 تان برابر ڪئي، جڏهن تي يو اي اي ۾ ڪينگروز تي 0-1 تان برتري حاصل ڪئي. واضح رهي ته ان کان اڳ قومي ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سريز ۾ 0-3 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ون ڊي سريز  آخري ميچ ۾ برسات ٿيڻ ڪري بنا نتيجي ختم ٿي ۽ سريز 1-1 تي برابر ٿي هئي.. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 24 کان 28 نومبر تائين دبئي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 ڊسمبر تائين دبئي ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ شاهينن ڪيويز کي وائيٽ واش شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ون ڊي سيريز 1-1 تان برابر ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ جو وضو جو پاڻي ٻوٽن کي ڏيڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پاڻي محفوظ ڪرڻ واري هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران انتظاميا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے