13 جمعرات , دسمبر 2018

سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ سنڌ ۽ سرڪار جو اعتراف

گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هجڻ ڪري سنڌ گهڻ طرفي نقصانن کي منهن ڏئي رهي آهي، جن ۾ هاڻي ايتري ته شدت اچي وئي آهي جو انهن جي تلافي شايد ته ممڪن نه رهي آهي، ٻئي پاسي پر سموري معاملي جو جيڪو افسوس ناڪ پهلو آهي، اهو آهي سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت جي بي ڌياني ۽ عدم توجهه جنهن ڪري صورتحال انتهائي سنگين ٿيندي پئي وڃي.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري هڪ طرف نه صرف سنڌ جي زرعي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچي چڪو آهي جيڪو گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان پوندي پوندي هاڻي ايترو ته شديد ٿي ويو آهي جو سنڌ جي رزعي معيشت مڪمل طور تي تباهه ٿيڻ لڳي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج ۾ رزق جي تنگي، بک ۽  بيمارين منهن ڪڍيو آهي ۽ مجموعي طور تي سمورو سماج هر شعبي ۾ پستيءَ طرف روان آهي، پاڻيءَ جي شديد کوٽ ڪري سنڌ جو ڊيلٽا جيڪو دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا هو جنهن جي ايراضي لکين ايڪڙن ۾ هُئي، سنڌ جو ڊيلٽا جيڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ الڳ دنيا هو، جتي ڊيلٽا جي زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ روپ پسبا هيا، ليکن ماڻهن جو مڇين جي شڪار ۽ ڊيلٽا جي ڀاڄين جي ڪاروبار تي گذري سفر ٿيندو هو، سامونڊي ۽ دريائي پاڻيءَ جي ميلاپ وارين مڇين جي جنسن جا انيڪ قسم ٿيندا هيا، تمر جي وڻن جا لکين ايڪڙن تي ٻيلا هوندا هيا جيڪي سمنڊ کي جهل ڏيون بيٺا هوندا هيا ۽ انهن ۾ دنيا جو سٺو ۽ صحت مند جهينگو ٿيندو هو، دنيا جو سٺو پلو ٿيندو هو، پر هاڻي سنڌ جو ڊيلٽا ويران ٿيندي ٿيندي لکين ايڪڙن مان گهٽجي وڃي ڪو ڏهاڪو هزار ايڪڙن تايئن پهتو آهي، هاڻي ڊيلٽا تي زندگيءَ نالي ڪا شيءِ گهٽجي رهي آهي، سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ڪري زراعت جي تباهيءَ ۽ ڊيلٽا جي تباهيءَ سميت جيڪا سڀ کان وڏي ۽ ڇرڪائيندڙ تباهي گذريل ٽن ، چئن ڏهاڪن ۾ ٿي آهي، اها تباهي سمنڊ جي پاڻيءَ جو زرعي زمين تي چڙهي اچڻ آهي، ٻين لفظن ۾ سنڌ سمنڊ ۾ غرق ٿي رهي آهي، سنڌ جو سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ وارو احساس نه صرف خوفناڪ آهي پر ان سان گڏ پڪ سان ته سنڌ جي مستقبل لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي،

اهو پهريون دفعو آهي جو سنڌ جي روينيو کاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان سرڪاري طور تي اعتراف ڪيو آهي ته سمنڊ هن وقت تائين سنڌ جي 12- لک 80/ هزار ايڪڙ زمين غرق ڪري چڪو آهي، سمنڊ جن علائقن جي زمين غرق ڪري چڪو آهي انهن ۾ بدين، ٺٽو ۽ سجاول شامل آهن، غرق ٿيل زمين نه فقط زرعي زمين هُئي پر انهيءَ زمين تي سوين ڳوٺ به آباد هيا، ڪيئي ننڍا شهر آباد هيا جيڪي وڻج ۽ واپار جو مرڪز هيا، خاص ڪري سجاول جا علائقا جتي جي زرعي زمين ڳاڙها چانور، سڳداسي ۽ باسپتي چانور اپائڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي انهيءَ علائقي ۾ سارين ڇڙڻ جا ڪيئي ڪارخانا هيا جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ علائقا ڪي ويران علائقا نه هيا.

سنڌوءَ جو پاڻي روڪڻ جي نتيجي ۾ هاڻي سمنڊ جي اٿل وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ هڪ اندازي موجب سمنڊ روزانو ڪو 36 ايڪڙ زمين غرق ڪري رهيو آهي، سنڌ جي ڪيترين اين جي اوز ۽ ماحوليات لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيترين ئي ڌرين ۽ جماعتن جو اهو چوڻ آهي ته سمنڊ گذريل ٽيهن سالن کان ڪا 36- لک ايڪڙ زمين غرق ڪري چڪو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ آباد گار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻيءَ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪري سڄي سنڌ کي پريشان ڪري ڇڏيو هو ته سمنڊ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ ڪري هاڻي اهو خطرو پڻ پيدا ٿي ويو آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سمنڊ حيدرآباد کي به غرق ڪري ڇڏيندو.

سنڌ جي اهڙي تباهيءَ لاءِ سبب مجموعي طور تي سنڌوءَ جي پاڻي کي روڪڻ ئي آهي، قدرت جو هڪ قانون آهي جيڪو دريا ۽ سمنڊ جي وچ ۾ تعلق وارو آهي، جيڪڏهن اسان قدرت جي انهيءَ قانون کي ٽوڙينداسين ته قدرت اسان کي ان جي سزا ضرور ڏيندي جو قدرت جا قانون اٽل آهن، سڄي دنيا ۾ جتي به وڏا ڊيم ٺاهي پاڻيءَ کي روڪيو ويو اتي جي ڊيلٽا جي زندگي تباهه ٿي وئي جيڪا ڳالهه دنيا کي چاليهن سالن بعد سمجهه ۾ آئي آهي، آمريڪا ۾ هن وقت تائين سوين وڏا ڊيم ٽوڙي انهن جا دريائي وهڪرا بحال ڪيا ويا آهن.

هتي ان سلسلي ۾ اسان کي چوڻ لاءِ ڪو گهڻو ڪجهه ناهي، ڇو جو اسان پنهنجن ڪيترن ايڊيٽوريلز ۽ ڪالمن ۾ انهيءَ ڳالهه جي گهر ڪندا رهيا آهيون ته سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ڪري نه صرف سنڌ جي رزاعت تباهه ٿي آهي پر ان سان گڏ ڊيلٽا جي زندگي پڻ تباهه ٿي وئي آهي پر هاڻي انهيءَ تباهيءَ جو جيڪو ڀيانڪ رخ سامهو اڀري آيو آهي اهو آهي، سمنڊ جو سنڌ کي غرق ڪرڻ.

اسان فقط ايترو چونداسين ته سنڌ حڪومت ٻيو ڪجهه نه ڪري سڀ کان پهريائين 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب  سنڌوءَ جي ڊائون اسٽريم ڏانهن 10 ايم ئي ايف پاڻيءَ جي وهڪري کي يقيني بنائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري پنهنجو زور بار قائم ڪري، سمنڊ جي ان اٿل سان جيڪو به علائقو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ آيو آهي ان جي مڪمل سروي ڪرائي، ۽ ٽيون ته جن ماڻهن جون زمينون، ڳوٺ، گهر ۽ ملڪيتون سمنڊ غرق ڪيون آهن انهن کي مناسب معاوضو  ڏيڻ لاءِ وفاقي سرڪار سان لهه وچڙ ۾ اچي ۽ پنهنجي طور تي به متاثر ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ قدم کڻي، سنڌي ميڊيا جي سيڪشنز ۾ هر روز اهڙن متاثر ماڻهن جا بيان ۽ چينلز تي رپورٽون اينديون رهن ٿيون جيڪي هر وقت سرڪار ۾ اميدون رکيون ويٺا آهن.

سنڌ جي مجموعي تباهيءَ جو واحد سبب سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي روڪ آهي، اسان سمجهون ٿا ان سلسلي ۾ سنڌ صوبي کان وڌيڪ ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي، تنهنڪري اها سنڌ جي ٿيل اهڙي خاموش تباهيءَ جو نوٽس وٺي، وفاقي حڪومت افغانستان ۾ خوراڪ جي ڪميءَ جو نوٽس وٺي ٿي، ڪشمير ۾ زلزلي جو نوٽس وٺي ٿي، ته پوءِ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي انهيءَ تباهيءَ جو به نوٽس وٺڻ گهرجي، پاڻيءَ جو معاملو وفاقي سرڪار جي هٿ ۾ آهي ۽ سنڌ جي تباهيءَ پاڻيءَ جي روڪ ڪرڻ سبب آهي، جيڪا مجموعي طور تي وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ وفاقي حڪومت کي ان ڏس ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.

جمعو 16 نومبر 2018ع، 7 ربيع الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ڪنهن در دانهين..!!

سنڌ جي زرعي معيشت جو جهڙو برو حشر گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ٿي رهيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے