12 بدھ , دسمبر 2018

ڌانڌلي جي نالي تي ڌرڻو هڻندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ٽي ايل پي جي نومبر 2017ع ۾ فيض آباد ڌرڻي جي معاملي تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل جي غير موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪيس نه ٿي هلائڻ چاهي ته عدالت کي ٻڌائي ڇڏي.  جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس فائز عيسيٰ تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي ڊپٽي اٽارني جنرل سهيل محمود عدالت جي روبرو چيو ته اٽارني جنرل موجود ناهي، تنهن ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.  جسٽس فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي، سندس مرضي آهي اچي يا وري نه اچي. ڊپٽي اٽارني جنرل آگاهه چيو ته اٽارني جنرل لاهور ۾ آهي، کيس چيف جسٽس ثاقب نثار هدايت ڏني هئي ته ڪجهه ڪيسن جي سلسلي ۾ اتي اچي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته چيف جسٽس نه پر عدالت هدايت ڏني آهي، اسان به عدالت آهيون ۽ هيءَ تاريخ به اٽارني جنرل جي خواهش تي ڏني آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان بند ٿي ويو، هن کان وڌيڪ اهم ڪيس ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.  هن چيو ته ڇا هي مذاق ناهي، اٽارني جنرل کي پگهار ڪير ڏيندو آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته اٽارني جنرل کي عوام جي ٽيڪس جي پئسي مان پگهار ملندي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ٽيڪس مان پگهار ملندي آهي ته هو جوابده آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪيس کي نه ٿي هلائڻ چاهي ته عدالت کي ٻڌائي ڇڏي، ان کي دفن ڪيون. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته پاڪستان کي فعال رياست بڻائڻو آهي، ان کي قانون ذريعي هلائڻ آهي يا وري اسٽريٽ پاور سان هلائڻو آهي. هن پيمرا چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ته توهان نيوز چئنلز کي ڪا ايڊوائزري جاري ڪئي هئي، ٽي وي چينل خلاف پيمرا ڪهڙو ايڪشن ورتو؟ ڇا توهان پيمرا جي رپورٽ سان متفق آهيو؟  توهان جو هي ڪردار سول ملازمن وارو ناهي، توهان کي سچ نه ڳالهائڻو آهي باقي ٻيو سڀ ڪجهه ڳالهائڻو آهي، هي ملڪ ڪنهن هڪ شخص جي ملڪيت ناهي، هي ملڪ آئين تحت هلندو آهي، پاڪستان ۾ هر ماڻهو آئين جي تابع آهي، ڇا ڪامورا ڪڏهن آئين نه پڙهندا آهن. هن چيو ته ڌانڌلي جي نالي تي ڌرڻو هڻندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے