13 جمعرات , دسمبر 2018

ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد شروع

BCCI decides not to attend Asian Cricket Council meet in Lahore

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي جي ميزباني ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جو اجلاس سڀاڻي لاهور ۾ ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ  ويهن کان وڌيڪ مهمانن جي آمد اڄ کان شروع ٿي رهي آهي. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي گذريل اجلاس ۾ سالياني جنرل ڪونسل اجلاس جي ميزباني پاڪستان کي سونپي وئي هئي. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي اختيارين اجلاس لاءِ ڀارت سميت سمورن ميمبر بورڊن کي لاهور ۾ رٿيل اجلاس لاءِ دعوت ناما موڪليا، ميمبر بورڊ جي اڪثريت پنهنجا نمائيندا موڪلڻ جي باظابطا تصديق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڀارتي بورڊ اڃا تائين جواب ناهي ڏنو. ڀارت ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪئي آهي. 17 نومبر تي شيڊول اجلاس ۾ پاڪستان جو ٻن سالن وارو صدارتي مدو ختم ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ ٻن سالن لاءِ صدارت بنگلاديش بورڊ کي ڏني ويندي. اجلاس ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ڪوريج ناهي ڏني وئي، پر قذافي اسٽيڊيم ۾ منهجند ٽئين وڳي پريس ڪانفرنس ضرور رکي وئي آهي. جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جو نئون بنگلاديش صدر ناظم الحسن اجلاس جي تفصيلن کان آگاهه ڪندا. ذريعن موجب اي سي سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي لاهور جي تاريخي هنڌن جو سير پڻ ڪرايو ويندو، اجلاس ۾ ايمرجنگ ايشيا ڪپ تي پڻ ڳالهايو ويندو، ڊيويلپمنٽ پروگرامن ۽ مستقبل جي ايونٽن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پاڪستان کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي ڪراس اوور رائونڊ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے