15 ہفتہ , دسمبر 2018

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistanچمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا پاڪستان جي پهرين ۽ اڪيلي آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا شاٽ کيڏي گرائونڊ جي افتتاح ڪيو ۽ ان کي ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن جي حوالي ڪري ڇڏيو. گرائونڊ ۾ چمن اليون ۽ قلعا عبدالله اليون وچ ۾ دوستاني ميچ پڻ کيڏي وئي. آسٽروٽرف اسٽيڊيم پنهنجي نوعيت جو پهرين ميدان آهي جتي هاڪي نه پر ڪرڪيٽ کيڏي ويندي، ميدان جي وچ ۾ مضبوط پچ ۽ مداحن جي ويهڻ لاءِ ٽه اسٽينڊ ٺاهيا ويا آهن.  ان موقعي تي ڪوٺايل تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ترقي جو دور شروع ٿي چڪو آهي. هتي وڏا وڏا ڪرڪيٽر به نظر ايندا.هن چيو ته هر پاسي امن نظر اچي رهيو آهي، اسان جتي به ويندا آهيون ماڻهو سٺا تعليمي ادارا ۽ روڊ گهرندا آهن. ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا چيو ته پاڪستان فوج هر پاسي امن ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪيو، اسان بلوچستان حڪومت جي هر هنڌ سپورٽ ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جو پاڪستان جي ايشيا ڪپ 2020 جي ميزباني تي اعتراض، ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ڪرايو وڃي: بي سي سي آءِ

نئين دهلي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے