10 پیر , دسمبر 2018

واٽس ايپ جو ”آن سيوو چيٽ“ کي گوگل ڊرائيو مان ختم ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)پيغام جي رسائي جي مشهور ترين ايپليڪيشن واٽس ايپ تصديق ڪئي آهي ته غير محفوظ(آن سيوو) ڊيٽا کي گوگل ڊرائيو مان هميشه لاءِ ڊيليٽ ڪيو ويندو،  واٽس ايپ سمارٽ فونن جي سڀ کان اهم ايپلي ڪيشن تصور ڪئي ويندي آهي جيڪا پيغام جي رسائي سان گڏ ملٽي ميڊيا شيئرنگ جو آسان ذريعو آهي،  واٽس ايپ آگسٽ ۾ اعلان ڪيو هو ته هو” بيڪ اپ ڊيٽا“ بابت گوگل سان ملي ڪري اهم تبديليون ڪرڻ وارو آهي، واٽس ايپ تصديق ڪئي آهي ته 12 نومبر کان ايپلي ڪيشن جا اهي ميسيجز بشمول ميڊيا جيڪي” سيو“ نه ڪيا ويندا ۽  ان کي گوگل ڊرائيو ۾ جاءِ نه ڏني ويندي،  ۽ اڳوڻو ”آن سيوو“ ميسيجن کي اسٽوريج مان هميشه لاءِ ڊيليٽ ڪيو ويندو، واٽس ايپ صارفين لاءِ گوگل ڊرائيوو تي ڊيٽا محفوظ نه ڪئي وئي ته ايپلي ڪيشن جيڪي سينڊنگ ۾ وڃي چيٽ آپشن جي چونڊ ڪيو ۽ ”چيٽ بيڪ اپ“ آپشن تي ڪلڪ ڪيو، ان کان پوءِ هڪ نئو صفو کلندو جنهن ۾ گوگل اڪائونٽ بابت پڇو ويندو ته صارف پنهنجي مرضي ان گوگل اڪائونٽ جي چونڊ ڪندو، ان مرحلي جي آخر کان پوءِ آخر ۾ صارف کي مختلف آپشن ڏنا ويندا جنهن ۾ هو ڊيٽا جي دورانئي جي حوالي سان چونڊو ڪندو، مثال طور هفتي جي ڊيٽا مهيني جي ڊيٽا گوگل ڊرائيو ۾ محفوظ ڪئي وڃي، صارف مرضي سان هڪ آپشن جي چونڊ ڪندو  جنهن کان پوءِ  از خود ڊيٽا گوگل ڊرائيو ۾ محفوظ ٿيندي رهندي ۽ بيڪ اپ جي طور تي صارف جڏهن چاهي ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ فون ۾ 3 سهولتون ….

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)هڪ غير مشهور ڪمپني پلانيٽ ڪمپيوٽر 90 جي ڏهائي دلچسپ ايجاد کي جديد رخ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے