19 منگل , فروری 2019

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران نوجوان کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو

 18-year boy abducted, killed in Pulwamaسرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ 18 ورهين جي نوجوان کي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن اغوا ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا موجب شوپيان ضلعي ۾ اڻ ڃاتل ماڻهن منظور نالي 18 ورهين جي نوجوان کي گهر مان اغوا ڪيو هو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش ضلعي پلواما واري علائقي مان مليو آهي. اغوا کان اڳ اهو واقعو ان وقت ڪيوويو جڏهن ان ضلعي ۾ قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن ڪري رهي هئي. اچ وڃ وارن رستن تي فوجي دستا مقرر هئا ۽ گهر گهر تلاشي ورتي پئي وئي. نوجوان جو تشدد ٿيل لاش ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. وارثن پنهنجي پاران پنهنجي نوجوان جي اغوا ۽ قتل جو الزام ڀارتي سيڪيورٽي فورسز تي لڳائيندي انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. ٻئي پاسي ڀارت ڪٺ پتلي انتظاميا ان ظالماڻي عمل کي لڪائڻ لاءِ حيلن بهانن جو سهارو وٺي رهي آهي، واقعي جي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا اغوا ڪندڙن  جو تعين ڪري رپورٽ پيش ڪندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوج جو ڪشمير ۾ ظلم جاري, ڪشميرين جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ مسلسل پنجين ڏينهن به ڪرفيو لاڳو آهي جڏهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے