11 منگل , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جي نمونن ۾ زهر نه مليو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي ڪلفٽن ۾ ريسٽورنٽ جو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻن ٻارڙن جي ورتل نمونن جي معائني دوران ڪنهن به سيمپل مان زهر نه مليو آهي. ٻن ٻارڙن جي موت کانپوءِ 30 مختلف نمونا لاهور ۾ قائم پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي کي موڪليا ويا.  پنجاب فارنزڪ ايجنسي جي ذريعن موجب تجزئي دوران  ڪنهن به سيمپل ۾ سائنائيڊ،  جيت مار دوا يا ڪو ٻيو زهر نه مليو آهي. ذريعن موجب پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي کي ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم مان حاصل ڪيل نمونا نه موڪليا ويا. ذريعن موجب  پاروٿي کاڌي جي بيڪٽريا مان پيدا ٿيل زهر جو تجزيو مائيڪرو بيالوجي مان خبر پوندي، جنهن جي سهولت پنجاب فارنزڪ ليبارٽري وٽ ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے