10 پیر , دسمبر 2018

صدر عارف علوي اضافي پروٽوڪول تي ناراض، هوائي اڏي مان ٻاهر اچڻ کان انڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور هوائي اڏي تي پهتو پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سندس آجيان ڪئي، صدر عارف علوي اضافي پروٽوڪول تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.  صدر عارف علوي اضافي پروٽوڪول سبب هوائي اڏي مان ٻاهر اچڻ تي انڪار ڪيو جنهن بعد ضروري سڪيورٽي لاءِ پنجن گاڏين کانسواءِ 27 گاڏين کي واپس موڪليو ويو. صدر عارف علوي گورنر هائوس پهچڻ تي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان ملاقات ڪئي.  ملاقات ۾ سياسي، انتظامي معاملن، وفاق ۽ پنجاب جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر ۽ وڏي وزير کي عوامي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے