15 ہفتہ , دسمبر 2018

هڪ طرفو احتساب قبول ناهي، سمورن ادارن کي حساب ڏيڻو پوندو: رضا رباني

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني وفاقي احتساب ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته رڳو سياستدان ڪرپٽ نه آهن تنهن ڪري عدليه سميت سول، ملٽري بيورو ڪريسي سڀ جوابده هئڻ گهرجن. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته سينيٽ ۾ اهي ميمبر آهن جن آمريت خلاف ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ جانيون قربان ڪيون، اهڙي سفر ۾ لاها چاڙها آيا پر سياسي ڪارڪنن پنهنجو سفر جاري رکيو. هن چيو ته  ڪجهه ڏينهن کان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمارت جي بنيادن اندر ڏار نظر اچڻ لڳا آهن، اهي اهڙا ڏار آهن جيڪي حسن ناصر، شهيد ڀٽو ۽ بينظير  ڀٽو جي خون سان به نه ڀرجي سگهيا، ايئن لڳي رهيو آهي ته فاشسٽ طاقتن کي ڇڏيو ويو آهي ته جيئن هو آئين تحت ڪم ڪندڙن کي ميساري ڇڏين، جيڪڏهن اها عمارت ڪري ته اسان مان ڪو به ڍير مان زنده نڪري نه سگهندو.  سندس چوڻ هو ته ڪالهه چيئرمين رولنگ ڏني ته ان جو رد عمل آيو، وزيراعظم جو نالو ورتو ويو پر نه ٿو لڳي وزيراعظم اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهي ٿو، چيو ويو ته ڪابينا چيئرمين جي رولنگ تي ناراضگي ظاهر ڪئي، آمريت جي دور ۾ به چيئرمين جي رولنگ کي ائين نه ورتو ويو،  چيو ويو ته سينيٽ سمجهي ٿي ته وزيرن کانسواءِ ڪم ڪري سگهن ٿا ته ڪابينا به سوچيندي.  اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ڌمڪي ڏني وئي ته ڪابينا سينيٽ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيندي، ڪابينا بضد ٿئي ٿي ته سينيٽ جو بائيڪاٽ ڪندي ته ڪابينا آئين جي پاڻ ڀڃڪڙي ڪندي؟  پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته هي ايوان بل اڻ سڌو چونڊيو آهي، هي ايوان وفاق جي اڪائين جو نمائنده آهي جنهن کي اسيمبليون چونڊينديون آهن، اهو چيو وڃي ته چيئرمين اڻ سڌو چونڊيو آهي پوءِ مان چئلينج ڪندس ته پوءِ صدر به ان ڊائريڪٽ چونڊيو آهي.  پ پ اڳواڻ چيو ته آمر ۾ جرئت نه هوندي هئي ته اسپيڪر تي آڱر کڻي، اڄ چيئرمين تي آڱر کنئي وئي، هلو مڃا ٿو ته مون سميت سياستدان ڪرپٽ هوندا، توهان معاشري مان ڪرپشن ختم ڪرڻ آيا آهيو، مان توهان سان گڏ آهيان پر ڇا معاشري ۾ رڳو سياستدانن ئي ڪرپٽ آهن. سينيٽر رضا رباني چيو ته مان نه چوندس ته احتساب جو عمل رڳو ٽن سياسي پارٽين خلاف ٿي رهيو آهي، ڇا معاشري ۾ سياستدانن کانسواءِ ڪو نه ٿو رهي؟ مان چوندا ٿو ته بنا فرق احتساب ڪيو وڃي، توهان ان کان ڇو ڀڄي ويا، ملڪ ۾ هڪ طرفو احتساب نه هلندو، رڳو سياستدان ئي ڪرپٽ نه آهن، معاشري جو هر شخص بدقسمتي سان ڪرپٽ آهي، عدليه سميت سول، ملٽري، بيورو ڪريسي سڀ جوابده هئڻ گهرجن پر ان لاءِ اسان تيار نه آهيون. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين وفاقي احتساب ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪميشن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن، سياستدانن، ججن ڀلي ملٽري کي شامل ڪيو وڃي، جيڪڏهن منهنجو احتساب منهنجا ساٿي نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ ڪو ٻيو کاتو به پنهنجي ساٿي جو نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته نيب ان ڪميشن جي ماتحت هجي، ڪميشن فيصلو ڪري ته ريفرنس داخل ٿي يا نه ٿي، سياسي انتقام کي ختم ڪيو، ڇو اسان جا پر سڙن ٿا، جيڪڏهن اسان انهن بابت ڳالهائينداسين ته هي ماڻهو واڪ آئوٽ ڪندا، جيڪڏهن معاشري مان ڪرپشن ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته سڀني جو احتساب ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے