11 منگل , دسمبر 2018

جهانگير ترين ۽ ارباب غلام رحيم خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جهانگير ترين ۽ ارباب غلام رحيم تي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي ۾ انڊسٽريل پارڪ جي منصوبي ۾ ڪرپشن جو الزام آهي. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب 2004ع ۾ ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ اڍائي ارب ارپين جي 250 ايڪڙ زمين غير قانوني طور تي اين آءِ پي نالي ڪمپني کي الاٽ ڪئي وئي. اختيارين موجب ڪمپني جي سي اي او جهانگير ترين  جو ويجهو ساٿي هو ۽ زمين جي الاٽمينٽ مان جهانگير ترين ۽ ارباب غلام رحيم ذاتي فائدو حاصل ڪيو.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب چيو ويو ته زمين تي انڊسٽريل پارڪ بڻايو ويندو، جنهن جو افتتاح ملائيشيا جو وزيراعظم ڪندو. اختيارين موجب خانگي ڪمپني کي زمين سنڌ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ ڏني وئي،ان سلسلي ۾ ريٽ ڪميٽي کان زمين جي ماليت جو ڪاٿو ۽ اجازت به نه ورتي وئي ۽ قيمتي زمين 50 هزار رپيه في ايڪڙ جي حساب سان الاٽ ڪئي وئي. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب 2004ع کان سنڌ سرڪار کي زمين کي ڪو به روينيو نه مليو ۽ سرڪاري زمين 14 سالن کان بيڪار پيل رهڻ سبب قومي ناڻي کي نقصان پهتو. اختيارين جو چوڻ آهي ته زمين جي الاٽمينٽ رد ٿيڻ ۽ جاچ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ معاملو نيب کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ نيب آفيسرن تي مختلف پابنديون لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب آفيس ورڪ دوران آفيسرن تي موبائل فون جي استعمال سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے