14 جمعہ , دسمبر 2018

زمبابوي ۾ بس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب 42 ڄڻا فوت، 20 زخمي

Passengers in Zimbabwe caught in bus fire; 40 killedهراري ( ويب ڊيسڪ ) زمبابوي جي گادي واري شهر کان 550 ڪلوميٽر پري ضلعي گونڊا ۾ بس ۾ اچتو باهه لڳڻ سبب 42 مسافر فوت جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا. زمبابوي جي شهر گونڊا کان پيٽ برج ويندڙ مسافر بس باهه لڳڻ سبب مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جنهن ۾ سوار 42 مسافر سڙي فوت جڏهن ته 20 کان ويڪ زخمي ٿي پيا آهن. حادثي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو بس جي ڇت تي رکيل گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب پيش آيو. پوليس ترجمان چيرٽي چرمبا بس حادثي بابت چيو آهي ته حادثي ۾ 42  ڄڻا فوت ۽ 24 زخمي ٿيا، جڏهن ته زخمين مان به اڪثر جي حالت ڳڻي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. زمبابوي ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي اداري ريڊ ڪراس حادثي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو باهه لڳڻ سبب بس مڪمل طور تي سڙي تباهه ٿي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانوي وزيراعظم کي عدم اعتماد جي تحريڪ کي منهن ڏيڻو پوندو : پارليامنٽ ڪميٽي

لنڊن( ويب ڊيسڪ )برطانوي وزيراعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے