11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ| نوابشاهه : دڪانن تي قبصي خلاف احتجاج

فقير غلام شبير آرائين ، شاھنواز ٻگهيو، خان محمد ٻگهيو ۽ ٻين نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو .

انهي موقعي تي غلام شبير آرائين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته عمر ڪوٽ ۾ سندس  34 دڪان آهن جن تي  پ پ جو ايم پي اي علي مردان شاھ، صوبائي وزير سردار شاھ، ڊاڪٽر لال چند مالهي، ڊاڪٽر لال ڪتري، عمر ڪوٽ جي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نور علي شاھ ۽ ٻيا 4 سالن کان قبضو ڪري ويٺا آهن.

هن چيو ته  اهڙي شڪايت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر سان ڪئي ته انهن انڪوائري لاءِ ضياء النجار کي چيو ليڪن اڃان تائين ڪجھ به ناهي ٿيو

، هن بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري،  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  دوڪانن تان قبضو ختم ڪرائي مونسان انصاف ڪيو وڃي

رپورٽ_ رحيم لاشاري

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے