18 پیر , فروری 2019

تحريڪ انصاف جو سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ملڪي قيادت سنڀالڻ جي لڳ ڀڳ اڍائي مهينن بعد سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان مهم ۾ عوامي اجتماع ۽ کليل ڪچهريون شامل هونديون، ان عوامي رابطا مهم جو مقصد عوام کي پي ٽي آءِ جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن ۽ پاليسين بابت آگاهه ڪرڻ آهي، ان عوامي رابطا مهم جو فيصلو پي ٽي آءِ قيادت تفصيلي ڳالهين بعد ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي اهم ذريعن کان خبر ملي ته تحريڪ انصاف جي قيادت جتي ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي تحت پاليسيون جوڙڻ سان گڏ انهن جي حل لاءِ عملي بندوبست ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے