15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ| نواب شاهه: موٽروي پاران روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ سيمينار ڪرايو ويو

موٽر وي پوليس جي سيڪٽر ڪمانڊر سجاد حشين ڀٽي چيو آهي ته وڌ ۾ وڌ موت جا واقعا روڊ حادثن جي ڪري ٿين ٿا ۽ انهن ۾ 90 سيڪڙو حادثا ڊرائيورن جي لاپرواهي جي ڪري ٿين ٿا

نوابشاهه ۾ موٽر وي پوليس طرفان روڊ سيفٽي سيمينار پائيٽ جي رانجهو خان هال ۾ ڪرايو ويو، جنهن ۾ شهرين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

هن چيو ته هاڻي موٽر وي پوليس طرفان اسپيڊ سان گڏ ٽائيم به فڪس ڪيو آهي ته هڪڙو ماڻهو سعيده آباد کان مورو تائين ڪيتري وقت ۾ پهچي ٿو انهي کانسواءِ موٽر وي جي ٻنهي طرفن کان جيڪي هوٽلون ۽ پيٽرول پمپ آهن انهن کي به چڪاس ڪيون ٿا ته انهن ۾ تيل معيار ۽ مقدار ڪيترو صحيح آهي ۽ هوٽلن تي مسافرن کي ملندڙ کاڌ خوراڪ ڪيترو سٺو آهي

ان موقعي تي سيمينار ۾ شريڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان واعدو ورتو ويو ته اُهي پنهنجي والدين کي هيلمنٽ کان سواءِ موٽر سائيڪل تي چڙهڻ نه ڏيندا ۽ ڪار جي رفتار تيز نه ڪند

رپورٽ: رحيم لاشاري

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے