19 منگل , فروری 2019

رپورٽ| ڏهرڪي: سيپڪو انتظاميا جي لاپرواهي جو ڪير نوٽيس وٺندو.؟؟

ڏهرڪي ۾ سيپڪو انتظاميا جي نااهلي سبب ٻوڏ دوران مختلف ڳوٺن ۾ ڪريل بجلي جا کنڀا مٽائڻ بدران ٿوڻي جي سهاري تي بيهاريا ويا آهن.، جنهن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي جي سهولت ميسر ناهي.

اٺ نمبر، سانڪو، کينجو، چار نمبر، راجا فارم، ڳوٺ علي بخش سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي جا پول ڪرڻ باوجود انتظاميا ڳوٺاڻن کي بجلي جي ڳرا بل موڪلي پئي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ دوران سندن ڳوٺن جا کنڀا ڪري پيا هئا، جن کي سيپڪو عملي ٿوڻين جي سهاري بيهاريو هو، جڏهن ته گذريل ٽن سالن سندن ڳوٺن ۾ بجلي فراهمي بند ٿي وئي آهي

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا کي سيپڪو خلاف شڪايت ڪئي آهي پر نو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا

ڳوٺاڻن وفاقي پاڻي ۽ بجلي واري وزير کان گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي ڳوٺن ۾ نوان کنڀا لڳائي بجلي جي سهولت ڏني وڃي

رپورٽ: رمضان پيرزادو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:خيرپور: فارميسي جي شاگردن سچل ڪانفرنس شروع ٿيڻ نه ڏني، مهمان کسڪي ويا

*شاهه لطيف يونيورسٽي جي شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، شاگردن پاران سچل نيشنل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے